پي ٽي آءِ اڳواڻن کي هراسان ناهي ڪيو نه ئي ڪنداسين، پوليس خاطري

پي ٽي آءِ اڳواڻن کي هراسان ناهي ڪيو نه ئي ڪنداسين، پوليس خاطري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) لانگ مارچ کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻن ملڪ عامر، شعيب شاهين ۽ ٻين کي هراسان ڪرڻ خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.عدالتي حڪم تي ايس ايس پي آپريشنز قاضي علي رضا ۽ ڊي ايس پي ليگل ساجد چيمه عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران پوليس اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته پوليس طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻن کي هراسان نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ کين هراسان ڪيو ويندو. پوليس اختيارين چيو ته جيڪڏهن ڪنهن خلاف ڪا ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي ته ان تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. پوليس اختيارين جي خاطري کانپوءِ جسٽس راجا انعام امين منحاس درخواست اڪلائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو