اسلام آباد)بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راجا انعام امين منهاس ڊاڪٽرن کان هفتي ۾ 102 ڪلاڪن تائين ڪم وٺڻ کي غير انساني قرار ڏئي ڇڏيو.ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ڊاڪٽرن کان ڊگهي ڊيوٽي وٺڻ سبب سندن هوشياري، ڪارڪردگي ۽ ڪم جي صلاحيت تي پوندڙ اثرن جي نشاندهي ڪئي وئي.عدالت معاملو پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) حوالي ڪندي ڪائونسل کي ان جو جائزو وٺڻ ۽ پنهنجون سفارشون حڪومت ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي.ٻڌڻي دوران جسٽس راجا انعام امين منهاس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊاڪٽرن کان هفتي ۾ 102 ڪلاڪن تائين ڪم وٺڻ غير انساني عمل آهي، ان معاملي تي لاڳاپيل ريگيوليٽري ۽ حڪومتي ادارن کي غور ڪرڻ گهرجي.










