لکي(ن س) ايس ايس پي شڪارپور چيو آهي ته مهر جتوئي تڪرار جو فيصلو ٿيل آهي هن ذاتي نوعيت جي ڏوهارين جي جهيڙي کي قبائلي رنگ نه ڏنو وڃي. مرتضيٰ مهر ۽ هزارو جتوئي ڏوهاري آهن ۽ گڏجي ڏوهه ڪندا هئا ۽ هاڻي به ڦر جي پيسن تي وڙهيا آهن. ٻئي پاسي مهر هائوس جي ترجمان محبوب مهر پڻ ڌار جاري ڪيل بيان ۾ ايس ايس پي جي بيان جي تائيد ڪئي آهي. ٻنهي ڌرين جي هڪٻئي تي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي آهن. ٻنهي ڌرين جا هٿيار بند وڏي تعداد ۾ پنهنجي پنهنجي ڌرين جي حق ۾ روڊن تي نڪري آيا آهن، جنهن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ آهي. پوليس ڌرين کي وڌيڪ قدم کڻڻ کان روڪي رهي آهي. اطلاعن موجب هزارو جتوئي مارجي ويو آهي ۽ سندس هڪ ساٿي زخمي آهي. جڏهن ته مرتضيٰ مهر مارجي ويو آهي ۽ سمدس هڪ ساٿي زخمي آهي. پوليس لاش کڻائي قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا آهن.










