چمن ۾ زلزلي جا لوڏا، شدت 3.8 رڪارڊ، شهرين ۾ خوف

چمن ۾ زلزلي جا لوڏا، شدت 3.8 رڪارڊ، شهرين ۾ خوف

چمن(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي چمن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت 3.8 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلو پيمائي مرڪز موجب زلزلي جي گهرائي 12 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز چمن ڀرسان هو.زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيندي ئي شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ علائقي وارا گهرن ۽ دڪانن مان ٻاهر نڪري کليل هنڌن تي گڏ ٿي ويا. زلزلي دوران شهري ڪلمه طيبه جو ورد ڪندا رهيا. زلزلي سبب هن وقت تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو