اسلام آباد/لاهور(ويب ڊيسڪ) موٽروي ايم-2 تي اڄ کان لاهور کان اسلام آباد طرف ويندڙ وڏين گاڏين ۽ ڪارگو گاڏين جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. موٽروي پوليس جي ترجمان موجب موٽروي ايم-14 کي اڄ شام کان هڪلا کان ڪنڊل تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويندو. ان کان علاوه جي ٽي روڊ اين-5 کي به اٽڪ خورد وٽ اڄ شام کان ٽريفڪ لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. موٽروي پوليس موجب پشاور موٽروي ايم-1 کي اڄ رات 11 وڳي کان ايندڙ حڪم تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند رکيو ويندو. موٽروي پوليس طرفان جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ شهرين کي ايم-1 تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










