طلاق معمول بڻجي وئي، صبا فيصل

طلاق معمول بڻجي وئي، صبا فيصل

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا صبا فيصل هڪ ڀيرو ٻيهر طلاق بابت پنهنجي بيان سبب سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻجي وئي. هڪ پروگرام دوران ڳالهائيندي صبا فيصل چيو ته ماضي ۾ خاندان ۾ ڪنهن جي طلاق ٿيڻ تي ماڻهو ٽن مهينن تائين سوڳ واري ڪيفيت ۾ رهندا هئا. اداڪارا موجب جن عورتن کي طلاق ٿيندي هئي، انهن جا والد به ماڻهن کي منهن ڏيکارڻ کان لنوائيندا هئا، پر هاڻي حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن. صبا فيصل چيو ته اڄڪلهه طلاق معمول بڻجندي پئي وڃي، ايتري قدر جو ڪجهه عورتون پنهنجن دوستن کي ٻڌائين ٿيون ته کين طلاق ٿئي ڪيترائي مهينا گذري چڪا آهن ۽ ذهني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ پرڏيهه مان واپس آئي آهي. هن چيو ته اهڙا واقعا وڌي رهيا آهن ۽ حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن. صبا فيصل جي بيان تي سوشل ميڊيا صارفين پاران مختلف ردعمل سامهون آيا، ڪجهه صارفن اداڪارا جي موقف تي تنقيد ڪندي کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.

پهنجو تبصرو موڪليو