ڀارت خلاف نيوزيلينڊ 16 رانديگرن تي ٻڌل  اسڪواڊ جو اعلان

ڀارت خلاف نيوزيلينڊ 16 رانديگرن تي ٻڌل اسڪواڊ جو اعلان

آڪلينڊ(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڀارت خلاف هوم ٽي-20 سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جي قيادت مچل سينٽنر ڪندو. ڪيوي اسڪواڊ ۾ 7 فاسٽ بالر شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ ايڊم ملن، لوڪي فرگوسن، ميٽ هينري، ڪائل جيميسن، جيڪب ڊفي، زيڪ فولڪس ۽ نٿن سمٿ شامل آهن.بيٽنگ آل رائونڊر راچن رويندرا ڪلهي جي انجري سبب اسڪواڊ ۾ شامل ناهي، جڏهن ته فن ايلن ۽ ٽم سيفرٽ کي به ٽيم ۾ جاءِ ڏني وئي آهي. نيوزيلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ 5 ٽي-20 ميچن جي سيريز 22 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي. سيريز جا ٻيا مقابلا 24، 27 ۽ 30 آڪٽوبر تي، جڏهن ته آخري ميچ هڪ نومبر تي کيڏي ويندي.ڀارت جي دوري دوران 5 ون ڊي ۽ 2 ٽيسٽ ميچون پڻ شامل آهن، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي سمر سيزن جي سيريز لاءِ ٽڪيٽن جي رڪارڊ وڪري پڻ ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو