آپريشن شعبان 2، بلوچستان ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا

آپريشن شعبان 2، بلوچستان ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جون آپريشن شعبان 2 تحت دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن، ساران تنگي واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران فتنه الهنڊستان جا 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 9 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. سڪيورٽي ذريعن موجب ڳجهن اطلاعن تي سڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا. ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف ڪارروايون بدستور جاري آهن ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو