تهران: (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايراني صدر سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ علاقائي تعاون وڌائڻ جي ارادن جو اظهار ڪيو ويو.ايراني خبرون ڏيندڙ اداري ارنا موجب تهران ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستان ۽ ايران کي خطي جا 2 طاقتور ملڪ قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ وسيع انساني صلاحيتن ۽ ڀرپور وسيلا رکندڙ آهن جنهن کي گڏيل طور تي استعمال ۾ آڻي ڪيتريون ئي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون.صدر پزشڪيان چيو ته پاڪستان ۽ ايراني پنهنجي صلاحيتن کي گڏ ڪري ملي اڳيان وڌندا ته داخلي ۽ علاقائي وسيلن تي ڀاڙيندي پنهنجون ڪيتريون ئي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي سگهن ٿا. هن گذريل ڪجهه مهينن جي دوران پاڪستان ۽ ايران جي اعليٰ اختيارين جي مسلسل گڏيل رابطن جو حوالو ڏيندي چيو ته خطي ۾ آمريڪي مداخلت وڌڻ جي حوالي سان ٻنهي مسلمان ملڪن جي اختيارين جا هڪ ٻئي پٺيان ڪوٺايل اجلاس مسلسل رابطن جي چٽي نشاني آهن.ايراني صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، سياحت ۽ گڏيل سرمائيڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن جو چوڻ هو ته مختلف شعبن بابت ويجها رابطه ۽ گڏيل سرمائيڪاري تهران ۽ اسلام آباد جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائي سگهي ٿي.مسعود پزشڪيان چيو ته اقتصادي تعاون ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ٻطرفن رابطه جو دائرو وسيع ڪرڻ سان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. هن علائقائي صلاحيتن ۽ دستياب وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي انهي موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا انهي کان اڳ ڪڏهن به موجوده سطح تي نه رهيا، اسلام آباد تهران سان ٻطرفي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. محسن نقوي واپاري ۽ معيشت سان گڏ سياحت، سياست، ثقافت ۽ سائنس جي شعبن ۾ به پاڪ ايران تعاون کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ايران سان اهڙن سمورن شعبن ۾ گڏيل رابطه وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ تيار آهي.










