سرڪاري ۽ سفارتي پاسپورٽ وارن لاءِ ويزا جو شرط ختم

سرڪاري ۽ سفارتي پاسپورٽ وارن لاءِ ويزا جو شرط ختم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سفارتي، سرڪاري ۽ خاص پاسپورٽ رکندڙ شهرين لاءِ ويزا جو شرط ختم ڪرڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي.
معاهدي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس جي سائيڊ لائن تي صحيحون ڪيون.
اسحاق ڊار ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هن قدم سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۽ اداراجاتي سهڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ڊگهي عرصي کان قائم ڀائراڻي اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي اڳتي وڌائڻ ۾ پڻ سهڪار ملندو.
پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ويجهو سهڪار جاري آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ اختيارين وچ ۾ باقاعدگيءَ سان رابطا ٿيندا رهندا آهن.
ان کان اڳ 7 آگسٽ تي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيءَ گڏيل دفاعي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون هيون، جنهن جو مقصد گڏيل سلامتي کي مضبوط بڻائڻ، دفاعي سهڪار وڌائڻ ۽ خطي سميت سڄي دنيا ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ آهي.
آگسٽ ۾ ئي ٻنهي ملڪن پاڪستاني زرعي ۽ غذائي شين جون سعودي عرب ڏانهن برآمدون 3 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو هو. اهو اتفاق سعودي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزير انجنيئر عبدالرحمان الفضلي جي سربراهيءَ ۾ سعودي وفد جي پاڪستان جي دوري دوران ٿيو هو.
ان کان اڳ جولاءِ ۾ سعودي عرب هڪ سال لاءِ ڪارآمد گهڻ-داخلا عمري جو ويزا پڻ متعارف ڪرايو هو، جنهن تحت زائرين هڪ سال دوران ڪيترائي ڀيرا سعودي عرب وڃي سگهن ٿا، جڏهن ته هر سال مجموعي طور سعودي عرب ۾ رهڻ جي مدت 90 ڏينهن تائين محدود هوندي.
2024ع ۾ سعودي عرب پاڪستاني شهرين لاءِ سياحتي ويزا جون شرطون پڻ نرم ڪيون هيون ۽ گهٽ ۾ گهٽ 750 ڊالر ماهوار ڪريڊٽ واري بئنڪ اسٽيٽمينٽ کي مالي حيثيت جي ثبوت طور قبول ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو