اسڪولن ۾ ميل پروگرام کي وڌيڪ ضلعن تائين وڌائڻ جو فيصلو

اسڪولن ۾ ميل پروگرام کي وڌيڪ ضلعن تائين وڌائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ عالمي اداري خوراڪ (ڊبليو ايف پي) پاڪستان جي نمائندي انيتا هرش وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسڪول کاڌي، غذائيت، صحت، موسمياتي لچڪ ۽ سماجي تحفظ سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.اجلاس ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڊبليو ايف پي وچ ۾ جاري سهڪار ۽ مستقبل جي ڀائيواري جي موقعن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته اسڪول ميلز، غذائيت، موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدم ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران سنڌ پائيدار اسڪول کاڌي پروگرام خاص طور تي بحث جو مرڪز رهيو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پروگرام لاءِ آمريڪي زراعت کاتي پاران لڳ ڀڳ 80 ملين ڊالر جي گرانٽ فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن تحت سنڌ جي 5 ضلعن جي 1336 سرڪاري اسڪولن ۾ اڍائي لک شاگرد فائدو حاصل ڪندا. پروگرام ۾ ڪياماڙي، ملير، سجاول، ٺٽو ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعا شامل آهن. ڊبليو ايف پي پاران ڪياماڙي ۽ ملير، جڏهن ته ’سيئو دي چلڊرن انٽرنيشنل‘ پاران سجاول، ٺٽي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ پروگرام تي عمل ڪيو ويندو.پروگرام تحت اسڪولن ۾ کاڌي جي فراهمي سان گڏ واش سهولتن جي بحالي، غذائيت بابت تعليم، خوراڪ جي تحفظ ۽ صفائي، خواندگي ۾ بهتري ۽ ٻارن جي تحفظ بابت سرگرميون پڻ شامل آهن. ڊبليو ايف پي جو پروگرام ڪياماڙي ۽ ملير جي 614 اسڪولن ۽ لڳ ڀڳ هڪ لک شاگردن کي پنجن سالن تائين ڍڪيندو. اجلاس ۾ وڏي وزير کي مفاهمت جي يادداشت، نگراني ڪميٽين، مستحق اسڪولن جي چونڊ، ڪچن جي تعمير لاءِ هنڌن جي منظوري، بنيادي سروي ۽ پروگرام تي عملدرآمد جي تيارين بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ بينظير نشونما پروگرام لاءِ ڊبليو ايف پي جي جاري سهڪار جو پڻ جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت، شديد غذائي کوٽ کي برادري سطح تي منهن ڏيڻ ۽ موسمياتي لچڪ بابت پروگرامن تي به غور ڪيو ويو. موسمياتي خطرن کان متاثر ڪمزور آبادي کي بروقت تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ ڊبليو ايف پي وچ ۾ حڪومت جي اڳواڻيءَ ۾ اڳواٽ قدمن واري پروگرام تي تعاون جو جائزو ورتو ويو، جنهن جو مقصد ٻوڏ، ڏڪار ۽ ٻين موسمياتي هنگامي حالتن کان اڳ ڪمزور خاندانن تائين بروقت مدد پهچائڻ آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته کاڌو، غذائيت ۽ انساني سرمائي جي ترقي پائيدار ترقي جا بنيادي ٿنڀا آهن. سنڌ پائيدار اسڪول کاڌي پروگرام رڳو کاڌو فراهم ڪرڻ جو منصوبو نه، پر ٻارن جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي. هن چيو ته غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ اسڪولن ۾ ٻارن جي حاضري بهتر بڻائڻ سان صحت مند ۽ خوشحال سنڌ جي بنياد مضبوط ڪئي پئي وڃي. مراد علي شاهه موسمياتي لچڪ، آفتن کان اڳ تياري ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ ڊبليو ايف پي جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته سنڌ موسمياتي تبديلي کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن مان هڪ آهي، تنهن ڪري فعال ۽ اڳواٽ قدم کڻندڙ نظام ناگزير آهن. وڏي وزير صوبو ڀر ۾ موسمياتي لچڪ ۽ اڳواٽ قدمن جي نظام کي ادارتي شڪل ڏيڻ، حڪومتي نظام مضبوط ڪرڻ ۽ جامع اسڪول صحت ۽ غذائيت پاليسي جوڙڻ تي زور ڏنو. هن اسڪول کاڌي پروگرام کي وڌيڪ ضلعن تائين وڌائڻ ۽ غذائيت، واش، تعليم ۽ سماجي تحفظ کي گڏيل طريقي سان اڳتي وڌائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ڊبليو ايف پي پاڪستان جي نمائندي انيتا هرش سنڌ حڪومت جي قيادت ۽ عزم کي ساراهيندي چيو ته سنڌ پائيدار اسڪول ميل پروگرام غذائيت، تعليم، صحت ۽ مقامي معاشي ترقي جو گڏيل ماڊل آهي. هن چيو ته ڊبليو ايف پي سنڌ حڪومت سان گڏ پائيدار نظام جوڙڻ لاءِ ڀائيواري جاري رکندو. اداري جي عالمي حڪمت عملي حڪومتي ادارن کي مضبوط ۽ موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ لچڪدار نظام جوڙڻ تي ڌيان ڏئي ٿي. انيتا هرش چيو ته ڊبليو ايف پي جو مقصد رڳو هنگامي حالتن ۾ امداد پهچائڻ نه، پر اهڙا حڪومتي حل مضبوط ڪرڻ پڻ آهي، جيڪي مستقبل ۾ انساني ضرورتن ۽ بحرانن کي گهٽائي سگهن. اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته تعليم ۽ صحت جي خدمتن سان غذائيت کي ڳنڍڻ ضروري آهي. غذائي کوٽ ٻارن ۽ مائرن کي درپيش سنگين چئلينجن مان هڪ آهي، جڏهن ته زندگي جي پهرين هڪ هزار ڏينهن ۽ ابتدائي ٻالڪپڻ ۾ سيڙپڪاري جا ڊگهي مدي وارا فائدا سامهون اچن ٿا. هن چيو ته بينظير نشونما ۽ اسڪول ميل پروگرام ٻارن جي غذائيت بهتر ڪرڻ ۽ گهٽ قد جي شرح گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن، جڏهن ته صحت کاتو غذائيت، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ ڪميونٽي سطح تي ڪم جاري رکندو. پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جي چيئرمين نجم احمد شاهه ڊبليو ايف پي سان ڀائيواري کي سنڌ جي ترجيحن سان هم آهنگ قرار ڏيندي چيو ته سهڪار سان خوراڪ، غذائيت، موسمياتي لچڪ ۽ سماجي تحفظ بابت عالمي تجربن مان فائدو حاصل ٿي رهيو آهي. اجلاس جي پڄاڻي تي ٻنهي ڌرين جاري پروگرامن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسڪول ميل، غذائيت، خوراڪي نظام ۽ موسمياتي لچڪ جي شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته اڳواٽ قدمن، سماجي تحفظ ۽ ادارتي صلاحيت وڌائڻ لاءِ تعاون جاري رکڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم احمد شاهه، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري زاهد عباسي، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل، سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جو سي اي او ارشاد سوڍر، ايس پي ايڇ ايس جو سي اي او خالد شيخ ۽ ڊبليو ايف پي جي لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو