ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)کارادر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي شهري کي گوليون هڻي قتل ڪندڙ مک جوابدار پوليس جي هٿ چڙهي ويو. ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب واقعي جو ڪيس ٿاڻي ڊاڪس ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي. پوليس ٽيڪنيڪل شاهدي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي، جنهن بعد هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدار وٽان 30 بور پسٽل، موٽرسائيڪل ۽ ڦر ڪيل رقم مان 3 لک رپيا هٿ ڪيا ويا آهن. ڊي آءِ جي سائوٿ موجب واردات ۾ ملوث ٻئي جوابدار جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ ڪارروائي جاري آهي.










