قوم جي سهڪار سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون

قوم جي سهڪار سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز پهچي ويو، جتي کيس خيبر پختونخوا جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي جامع بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير کي صوبي ۾ جاري دهشتگردي خلاف ڪاررواين، سرحدي انتظام بابت قدمن ۽ مقرر فوجي دستن جي آپريشنل تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. کيس سرحدي انتظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.فيلڊ مارشل عاصم منير فوجي دستن کي هر وقت چوڪس رهڻ ۽ اعليٰ ترين آپريشنل تياري برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته هٿياربند فوجون قوم جي غيرمتزلزل سهڪار سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ ملڪ ۾ ديرپا امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکنديون.هن آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلن، تياري ۽ پيشوراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي ملڪ ۽ عوام جي تحفظ لاءِ سندن ثابت قدمي جي واکاڻ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز ۾ يادگارِ شهدا تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون ڪڏهن به وساري نه سگهبيون. پشاور پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر پشاور چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو استقبال ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو