ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر عارف خان ساقي تي تشدد ۽ بدسلوڪي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي ملزم ڪونين شاهه ۽ پروفيسر عارف خان ساقي وچ ۾ باضابطا طور صلح ٿي وئي آهي. ملزم پاران معافي گهرڻ تي پروفيسر عارف خان ساقي کيس معاف ڪري ڇڏيو. ضمانت تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ ملزم ڪونين شاهه پروفيسر عارف خان ساقي جي گهر پهچي ساڻس ذاتي ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي رويي تي معافي گهري، جنهن تي پروفيسر عارف ساقي کيس معاف ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي پروفيسر عارف خان ساقي جو چوڻ هو ته ”مان استاد جي حيثيت سان سمجهان ٿو ته کيس پنهنجي غلطي جو احساس ٿيڻ گهرجي ها. انسانن کي بي رحمي سان پامال ڪرڻ بدران سندن عزت ڪرڻ گهرجي. الحمدلله، هاڻي کيس اهو سبق چڱيءَ طرح ياد ٿي ويو آهي. پروفيسر عارف خان وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي دوران متاثر ٿيل گاڏي پڻ ڪونين شاهه پاران مڪمل طور تي ٺهرائي ڏني وئي آهي، جڏهن ته نقصان جي مڪمل تلافي ٿيڻ تي گاڏي جي اصل مالڪ پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. واضح رهي ته ملزم ڪونين شاهه تشدد ۽ ڌمڪين جي ڪيسن ۾ عدالت مان ضمانت تي آهي ۽ هاڻي معافي ۽ صلح کانپوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ تڪرار خوش اسلوبي سان حل ٿي ويو آهي. ياد رهي ته صفوران چورنگي ڀرسان ڊبل ڪيبن گاڏي جي مالڪ پاران هٿياربند گارڊن سان گڏ پروفيسر عارف خان ساقي ۽ سندس ڀائٽي کي مبينا طور لٺين سان تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. واقعي کانپوءِ پروفيسر ۽ سندس ڀائٽي کي ويجهي علائقي ۾ موجود مبينا ملزم جي ملڪيت واري ريسٽورنٽ ۾ مبينا طور حبس ۾ پڻ رکيو ويو هو. بعد ۾ سچل ٿاڻي تي پروفيسر ڊاڪٽر عارف خان ساقي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪونين علي گوهر شاهه سميت ٻين ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو هو. ايف آءِ آر ۾ پروفيسر عارف خان ساقي موقف اختيار ڪيو هو ته هو ڪراچي يونيورسٽي جي شعبي علوم اسلاميه جو چيئرمين آهي ۽ پنهنجي ڀائٽي ۽ ڊرائيور وحيد سان گڏ گهر کان يونيورسٽي وڃي رهيو هو. صفورا چوڪ ڀرسان سنڌ گرين هوٽل وٽ هڪ گاڏي سندس گاڏي جو بونٽ ٽوڙي ڇڏيو. مقدمي جي متن موجب گاڏي وارا اتان وڃڻ لڳا ته پروفيسر عارف خان کين چيو ته غريب ٻار جي گاڏي ٽوڙي ڇڏي آهي، نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. نالو پڇڻ تي مبينا طور ملزمان ڪاوڙجي پيا ۽ پروفيسر عارف خان ۽ سندس ڀائٽي کي پستول جي بٽن سان مارڪٽ ڪئي. فرياد موجب ٻن گن مينن سينه ۽ مٿي تي پستول جا بٽ هنيا، جنهن دوران هو زخمي ٿي ڪري پيا ته وڌيڪ چار ڄڻا پڻ اتي پهچي ويا. پروفيسر عارف خان ساقي موجب کيس ۽ سندس ڀائٽي کي مارڪٽ ڪرڻ کانپوءِ هوٽل تي وٺي وڃي مبينا طور حبس بيجا ۾ رکيو ويو ۽ اتي پڻ تشدد ڪيو ويو. ملزمان مبينا طور هوائي فائرنگ پڻ ڪئي، جڏهن ته سندس ڀائٽي جي گاڏي پڻ سندن قبضي ۾ هئي. پروفيسر موجب پوليس پهچي کين آزاد ڪرايو، جنهن کانپوءِ ملزمان واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا. بعد ۾ کيس معلوم ٿيو ته هڪ ملزم جو نالو ڪونين گوهر علي شاهه آهي. هاڻي فريادي ۽ ملزم وچ ۾ صلح ۽ معافي کانپوءِ معاملو خوش اسلوبي سان حل ٿيڻ جي ڄاڻ سامهون آئي آهي.










