ايم ڊي ڪيٽ جي ڪامياب ۽ شفاف منعقد ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار

ايم ڊي ڪيٽ جي ڪامياب ۽ شفاف منعقد ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج ايڊميشن ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) 2026 جي ڪامياب، منظم ۽ شفاف طريقي سان منعقد ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيف سيڪريٽري سنڌ موجب آصف حيدر شاهه امتحاني عمل جي سڌي ريت (براههِ راست) نگراني ڪئي ۽ سمورن امتحاني مرڪزن تي لاڳاپيل ادارن وچ ۾ اثرائتي رابطاڪاري ۽ طئي ٿيل انتظامن تي هڪجهڙائيءَ سان عملدرآمد يقيني بڻايو. ايم ڊي ڪيٽ 2026 لاءِ مجموعي طور تي 34 هزار 235 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا، جن ۾ 12 هزار 853 مرد ۽ 21 هزار 382 عورتون اميدوار شامل هيون. امتحان سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ قائم نون امتحاني مرڪزن ۾ منعقد ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته امتحان جي شفافيت ۽ ساک برقرار رکڻ لاءِ ٽن سطحن واري نگرانيءَ جو نظام قائم ڪيو ويو هو. هر امتحاني مرڪز تي سکر آءِ بي اي، صحت کاتي سنڌ ۽ لاڳاپيل ضلعي انتظاميا جي نمائندن تي ٻڌل نگران ٽيمون مقرر رهيون. هن چيو ته مربوط ۽ اثرائتي نگرانيءَ ذريعي امتحاني عمل ۾ ميرٽ، شفافيت ۽ غير جانبداري يقيني بڻائي وئي، جڏهن ته امتحان جا سمورا مرحلا خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ٿيا. سيد آصف حيدر شاهه چيو ته اميدوارن جي مستقبل سان وابسته امتحانن ۾ شفافيت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. ميرٽ جو تحفظ ۽ اميدوارن جو امتحاني نظام تي اعتماد هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. چيف سيڪريٽري سنڌ ايم ڊي ڪيٽ جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي سکر آءِ بي اي، صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو. هن چيو ته سمورن لاڳاپيل ادارن جي محنت، گڏيل رابطو ۽ ٽيم ورڪ قابلِ تعريف آهي. هن ان عزم جو اعادو ڪيو ته امتحاني نظام جي ساک، ميرٽ ۽ شفافيت جي تحفظ لاءِ اثرائتي نگرانيءَ جو عمل جاري رکيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو