نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ)دنيا ۾ سال جو سڀ کان وڏو سفارتڪاري جو ميڙ آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ شروع آهي. جنهن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا وفد نيويارڪ پهچي ويا آهن ۽ ڪجهه پهچي رهيا آهن.
شيڊول موجب گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جو ’هاءِ ليول ويڪ‘ اڱاري 22 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو ۽ 28 سيپٽمبر تي ختم ٿيندو.
هن سال جي آخر تائين پنهنجو مدو پورو ڪندڙ جنرل سيڪريٽري اونتونيو گوتريس پنهنجي آخري پريس ڪانفرنس ۾ 16 سيپٽمبر تي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا، چيلنجز ۽ مصنوعي ذهانت جي انسانيت لاءِ خطرو بڻجڻ سميت مختلف معاملن تي تفصيلي روشني وڌي هئي ته ساڳئي وقت گذريل سال ڪيترائي ڀيرا خراب ٿيندڙ بجلي واري ڏاڪڻ جي ٺيڪ ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائيندي چيو هو ته پريشان نه ٿيو، عالمي اڳواڻو، گڏيل قومن جي اها بدنام لفٽ جهڙي هلندڙ ڏاڪڻ، جيڪا گذريل سال بحث جو سبب بڻي هئي، سفارتڪاري جي هن وڏي تقريب کان اڳ ٺيڪ ڪئي وئي آهي.
گذريل سال آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن تي تخريبڪاري جو الزام لڳايو هو، جڏهن جنرل اسيمبلي جي هال ڏانهن ويندي جنهن بجلي واري ڏاڪڻ تي هو سوار هو، اها خراب ٿي وئي هئي ۽ خطاب وقت مائيڪ به بند ٿي وئي هئي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي هن سال به ڪيترن ئي اهم معاملن کي منهن ڏيڻو آهي. هن سال جو موضوع آهي: ”اعتماد بحال ڪرڻ، تبديلي کي منظم ڪرڻ: اهڙيون گڏيل قومون جيڪي سڀني لاءِ نتيجا ڏين.“
ڏسڻو اهو آهي ته اڱاري کان شروع ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ”عام بحث“ ۾ ڇا ڪجهه ٿيڻ جي توقع آهي، جنهن دوران عالمي اڳواڻ ۽ اعليٰ عملدار تنظيم جي مخصوص پٿر جي منبر تان هڪ ٻئي پٺيان خطاب ڪندا.
سوديبازيون ۽ ملاقاتون
سفارتڪارن ۽ عالمي اڳواڻن جي وڏي تعداد سبب جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران مکيه پروگرام کان الڳ ٿيندڙ ملاقاتن لاءِ به هي هڪ اهم هنڌ بڻجي ويندو آهي.
آمريڪي عملدارن سي اين اين کي ٻڌايو ته ٽرمپ 22 سيپٽمبر تي خليجي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ايران سان جنگ جي ايندڙ مرحلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
هلندڙ هفتي دوران ٽرمپ جي بورڊ آف پيس لاءِ پڻ هڪ اعليٰ سطحي بريفنگ ٿيندي، اها ڳالهه ان ڪري به اهم آهي جو ٽرمپ هڪ ڀيري تجويز ڏني هئي ته غزه جي ٻيهر تعمير جي نگراني لاءِ ٺاهيل هي بورڊ شايد آخرڪار گڏيل قومن جي جاءِ وٺي سگهي ٿو.
ان دوران سفارتي ذريعن موجب فرانس هن هفتي اسرائيلي-فلسطيني تڪرار جي ٻن رياستن واري حل بابت هڪ فالو اپ اجلاس سڏائيندو. فرانس ۽ ڪيترن ئي ٻين مغربي ملڪن گذريل سال جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
يوڪرين جي صدر وولوديمير زيلنسڪي چيو آهي ته هو نيويارڪ ۾ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو، جيئن گذريل سال به ڪئي هئي. اها ملاقات ان وقت ٿيندي جڏهن آمريڪا جي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر هن مهيني جي شروعات ۾ الڳ الڳ ڪيف ۾ زيلنسڪي ۽ ماسڪو ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقاتون ڪري چڪا آهن. انهن ملاقاتن کان پوءِ گذريل ڪجهه هفتن دوران ٽرمپ صرف پيوٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
روسي سرڪاري ميڊيا موجب روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات ڪندو.
جنرل اسيمبلي اهو هنڌ پڻ آهي جتي معاهدا طئي يا باضابطه ڪيا ويندا آهن. گرين لينڊ کي طاقت ذريعي ضم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ کان ڪجهه مهينن بعد، اميد آهي ته ٽرمپ ڊنمارڪ ۽ گرين لينڊ سان طئي ڪيل هڪ معاهدي تي صحيح ڪندو، جنهن تحت آمريڪا کي گرين لينڊ جي سلامتي تي ”مستقل ڪنٽرول“ حاصل ٿيندو. البته اهو واضح ناهي ته اهو معاهدو موجوده انتظامن کان ڪهڙي طرح مختلف هوندو، جن تحت اڳ ئي آمريڪا کي ٻيٽ تي وڏي فوجي موجودگي حاصل آهي.
ڪير ڪير خطاب ڪندو؟
جنرل اسيمبلي جي منبر تان ٿيندڙ تقريرون اڪثر خود ڳالهائيندڙن کان وڌيڪ سامعين جي روين سبب ڌيان ڇڪائينديون آهن. گذريل سال ڪيترائي نمائندا اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي خطاب دوران هال مان ٻاهر نڪري ويا هئا.
2018ع ۾ ٽرمپ جي تقرير دوران به نمائندن کلندي سندس خطاب ۾ خلل وڌو هو، جڏهن هو پنهنجي حڪومت جون ڪاميابيون بيان ڪري رهيو هو.
انٽرنيشنل ڪرائسس گروپ ۾ گڏيل قومن جي معاملن جي سربراهه ڊينيئل فورٽي سي اين اين کي ٻڌايو ته هن سال خطاب ڪندڙ اڳواڻن جي فهرست جنرل اسيمبلي جي مجموعي رخ جو اندازو ڏيندي.
هن چيو ته، ”جيتوڻيڪ لڳي ٿو ته 130 کان وڌيڪ رياستن يا حڪومتن جا سربراهه اچي رهيا آهن، پر حقيقت ۾ گڏيل قومن کي عالمي اڳواڻن طرفان موڪليل پيغامن جي حوالي سان صورتحال ڪافي مختلف هوندي.“
هڪ اهم سوال اهو آهي ته ڇا چيني اڳواڻ شي جن پنگ اوچتو نيويارڪ جو دورو ڪندو. جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران شي جن پنگ واشنگٽن ۾ سرڪاري دوري تي اچڻ وارو آهي.
فورٽي چيو ته جيڪڏهن واشنگٽن ۾ ٽرمپ ۽ شي ملاقات ڪن ۽ دنيا جون ٻه وڏيون طاقتون گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي هفتي دوران سفارتڪاري ۾ شامل نه ٿين، ته اها تنظيم لاءِ ”تمام ڏکي صورتحال“ هوندي.
شي جن پنگ جي شيڊول بابت سوال تي گوتريس صحافين کي ٻڌايو ته هو ”صدر شي جن پنگ کي اسان سان گڏ ڏسڻ چاهيندو“، پر هن گذريل مهيني ساڻس ٻه ڀيرا ملاقات ڪئي هئي ۽ کيس چيني اڳواڻ جي ”گڏيل قومن کي مرڪز بڻائيندڙ گهڻ طرفي عالمي نظام“ لاءِ وابستگي بابت ڪا ڳڻتي ناهي.
ٻين اهم خطاب ڪندڙن ۾ برازيل جو صدر لوئز اناسيو لولا دا سلوا شامل آهي، جيڪو اڱاري ڏينهن سڀ کان پهريان خطاب ڪندو، جڏهن ته نيتن ياهو خميس ڏينهن خطاب ڪندو.
وينزويلا جي قائم مقام صدر ڊيلسي روڊريگيز خميس ڏينهن گڏيل قومن ۾ پهريون ڀيرو خطاب ڪندي، جڏهن ته سندس اڳوڻو سربراهه ۽ وينزويلا جو صدر نڪولس مادورو ڪجهه ميلن جي فاصلي تي بروڪلن جي جيل ۾ قيد آهي. اميد آهي ته روڊريگيز پنهنجي خطاب کان اڳ ٽرمپ سان ملاقات ڪندي.
فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس لاءِ خميس ڏينهن نيتن ياهو کان اڳ خطاب جو وقت مقرر آهي. پر ٽرمپ انتظاميه هڪ ڀيرو ٻيهر عباس کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، تنهنڪري تقريبن يقيني آهي ته هو وڊيو ذريعي اجلاس کي خطاب ڪندو.
فلسطيني عملدارن کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ باوجود، آمريڪي انتظاميه ايران جي ”بنيادي وفد“ کي نيويارڪ اچڻ جي اجازت ڏني آهي، جنهن ۾ صدر مسعود پزشڪيان ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي پڻ شامل هوندا. اها ٻئي ڳالهه آهي ته صدر پزشڪيان جي ميڊيا ٽيم کي آمريڪا ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان خميس ڏينهن چيو ته، ”ميزبان ملڪ جي ذميوارين مطابق، ايراني حڪومت جو بنيادي وفد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطحي هفتي ۾ شرڪت ڪري سگهندو.“
ترجمان چيو ته وفد تي سفري پابنديون لاڳو هونديون ۽ پابندين واري پاليسي تحت عيش عشرت ۽ ٻيون شيون خريد ڪرڻ تي به پابندي هوندي. وفد گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ننڍو هوندو.
اڱاري تي نيويارڪ پهچندڙ پزشڪيان جو نيويارڪ ۾ ان وقت خطاب ڪرڻ، جڏهن سندس ملڪ آمريڪا سان عملي طور جنگ ۾ مصروف آهي، تقريبن بي مثال واقعو آهي. ان جو ويجهو ترين عالمي مثال شايد مصر جي صدر انور سادات جو 1977ع ۾ اسرائيل جو دورو هو، جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ فني طور جنگ جاري هئي، پر اهو دورو هڪ وڏي امن عمل جو حصو هو.
گڏيل قومن کي الوداع
هن سال گڏيل قومن ۾ ڪجهه اهم اڳواڻ الوداع پڻ ٿيندا. جن ۾ فرانس جو صدر ايمانوئل ميڪرون ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، ٻنهي جو جنرل اسيمبلي ۾ هي آخري ظهور هوندو.
فورٽي موجب گوتريس جي جاءِ تي سال جي آخر کان اڳ نئون سيڪريٽري جنرل چونڊڻ ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن جي اهم ترجيح هوندي.
هن چيو ته موجوده سيڪريٽري جنرل ”اڳئين دور جي عالمي سوچ رکندڙ اڳواڻن مان آخري“ آهي ۽ پنهنجي ڏهن سالن جي دور ۾ ترقي لاءِ مالي سهڪار، موسمياتي تبديلي ۽ مصنوعي ذهانت جي اڀار لاءِ گڏيل قومن کي تيار ڪرڻ تي گهڻو ڌيان ڏنو.
آخري نقطو خاص طور گوتريس لاءِ اهم رهيو؛ هن پنهنجي آخري پريس ڪانفرنس جو اڌ کان وڌيڪ وقت مصنوعي ذهانت بابت ڳالهائيندي گذاريو هو.
گوتريس صحافين کي چيو: ”مصنوعي ذهانت يقيني طور ايندڙ هفتي عالمي اڳواڻن سان منهنجي ڳالهين جو هڪ وڏو موضوع هوندي، ۽ گڏيل قومون ايندڙ فوري ڏينهن ۾ عملي خيالن ۽ طريقن جي ڳولا جاري رکنديون.“
هن ٽيڪنالاجي بابت ڪيترن ئي هفتن کان جاري قيامت جهڙين خبردارين کان پوءِ، مصنوعي ذهانت هن سال جنرل اسيمبلي جي اهم ترين موضوعن مان هڪ بڻجي وئي آهي.
سومر ڏينهن ٽيڪنالاجي صنعت سان لاڳاپيل شخصيتون، سفارتڪار ۽ اداڪار جوزف گورڊن ليوٽ ”ڊجيٽل تعاون“ بابت هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. سلامتي ڪائونسل اربع ڏينهن مصنوعي ذهانت بابت اجلاس ڪندي، جڏهن ته آمريڪا به ساڳئي ڏينهن هڪ ٻيو اهم اجلاس منعقد ڪري رهيو آهي.
فورٽي موجب گوتريس 2021ع کان مصنوعي ذهانت بابت کلي ڳالهائيندو رهيو آهي، ۽ هن اڀرندڙ ٽيڪنالاجي تي سندس ڌيان شايد گڏيل قومن جي امن قائم رکڻ واري روايتي ڪردار جي قيمت تي وڌيو آهي.
هن چيو ته ”گوتريس يقيني طور گڏيل قومن جي امن ۽ سلامتي واري ڪردار بابت تمام محتاط رهيو آهي. هن يقيني طور ان مينڊيٽ ۽ قانوني حيثيت مان ڀرپور فائدو نه ورتو، جيڪا گڏيل قومن وٽ موجود آهي، ته جيئن تنظيم کي امن قائم ڪرڻ جي وڌيڪ ڪوششن ۾ شامل ڪري سگهجي.“
فورٽي وڌيڪ چيو ته سيڪريٽري جنرل جي آخري تقرير کيس گڏيل قومن جي اڳواڻ طور پنهنجي ڏهن سالن جي دور جو دفاع ڪرڻ جو موقعو ڏيندي.
تجزيه نگار چيو: ”ٿي سگهي ٿو سندس ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏنو وڃي، پر ڊگهي عرصي ۾ ماڻهو شايد ان ڳالهه کي وڌيڪ مثبت انداز ۾ ڏسن ته هن انتهائي ڏکئي دور کي ڪيئن منهن ڏنو.“
جمعي ڏينهن گوتريس جي جانشين بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ هڪ غير رسمي راءِ شماري ٿي. رائٽرز کي ذريعن ٻڌايو ته ڪوسٽا ريڪا جي اڳوڻي نائب صدر ريبيڪا گرينسپين کي معمولي برتري حاصل آهي.
آمريڪا اڃا تائين ڪنهن اميدوار جي باضابطه حمايت ناهي ڪئي. تنهن هوندي به، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اميدوارن کي ”عوامي طور انهن تبديلين لاءِ واعدو ڪرڻو پوندو، جن جو اسان مطالبو ڪريون ٿا.“
ترجمان چيو ته ”هر نئين سيڪريٽري جنرل کي گڏيل قومن کي دنيا ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ جي پنهنجي بنيادي مقصد ڏانهن واپس آڻڻو پوندو، ان نامعقول، سياسي رنگ رکندڙ ۽ ’وَوڪ‘ نظريي بدران، جنهن اداري جي اثرائتي هجڻ کي نقصان پهچايو آهي.“
پئسا، پئسا ۽ پئسا
2026ع جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي گڏيل قومن جي مالي صورتحال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط آهي. گذريل سال آمريڪا جي مڪمل مالي سهڪار ختم ڪرڻ جي ڌمڪي سبب تنظيم کي سخت بجيٽ بحران کي منهن ڏيڻو پيو هو.
ٽرمپ انتظاميه لڳي ٿو ته گڏيل قومن بابت پنهنجي شڪ واري رويي جي گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه حصي تي نظرثاني ڪئي آهي. جنرل اسيمبلي کان اڳ آمريڪي حڪومت گڏيل قومن کي 827 ملين ڊالر واجبات طور ادا ڪيا آهن. اها رقم آمريڪا طرفان گڏيل قومن کي واجب الادا لڳ ڀڳ 4 ارب ڊالر جو رڳو هڪ حصو آهي، پر جنوري ۾ ”ويجهي مالي تباهي“ کي منهن ڏيندڙ اداري لاءِ اها ڪا معمولي رقم ناهي.
تنهن هوندي به، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پنهنجي ناقدن لاءِ به اهڙو فورم بڻجي وئي آهي، جتي اهي سوال اٿارين ٿا ته ڇا هي ادارو واقعي ڪا اهميت رکي ٿو؟
گذريل سال ٽرمپ جنرل اسيمبلي کان سڌو سوال ڪيو هو: ”گڏيل قومن جو مقصد ڇا آهي؟“
ٽرمپ چيو هو: ”ان ۾ تمام گهڻي، تمام گهڻي صلاحيت آهي، پر گهڻي حد تائين اها ان صلاحيت کي استعمال ڪرڻ جي ويجهو به نٿي پهچي. گهٽ ۾ گهٽ هن وقت، لڳي ٿو ته اهي رڳو انتهائي سخت لفظن وارو خط لکندا آهن ۽ پوءِ ان خط تي ڪڏهن عمل نٿا ڪن. اهي خالي لفظ آهن، ۽ خالي لفظ جنگ ختم نٿا ڪن.“
گڏيل قومن جي قانوني حيثيت بابت سوالن ۽ ان جي وڌندڙ حاشيي تي وڃڻ باوجود، فورٽي جو اصرار آهي ته گڏيل قومن جو ادارو اڃا به اهميت رکي ٿو.
هن چيو: ”دنيا جي موجوده صورتحال ۾، جتي گذريل ڏهاڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جنگيون جاري آهن… هر ڪنهن کي اڃا به اهڙي جاءِ جي ضرورت آهي، جتي سڀ گڏ ٿي سگهن، تڪرار گهٽائي سگهن ۽ بنيادي اصولن بابت ڳالهائي سگهن.“
هن وڌيڪ چيو: ”۽ صاف ڳالهه اها آهي ته گڏيل قومن جو فورم ئي واحد اهڙو ادارو آهي، جنهن وٽ قانوني حيثيت، قانوني اختيار ۽ دنيا جي هر رياست کي گڏ ڪري انهن معاملن کي حقيقت ۾ حل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.“










