مارچ هر صورت ۾ ٿيندو، تفصيل 25 سيپٽمبر تي اعلان ڪنداسين

مارچ هر صورت ۾ ٿيندو، تفصيل 25 سيپٽمبر تي اعلان ڪنداسين

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته اسان عوام ۽ جمهوري ماڻهو آهيون، اسان عوامي مينڊيٽ سان گڏ آيا آهيون.پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته هو جمهوري اصولن تي يقين رکن ٿا ۽ سمورن آئيني، قانوني ۽ جمهوري رستن کي اختيار ڪيو آهي، ان باوجود هتي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي صريح خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هنن ڪي به وڏا احتجاج نه ڪيا هئا، پر سندن خدشن کي ٻڌو نه پيو وڃي. احتجاج آخري رستو هوندو آهي ۽ هنن پرامن احتجاج جو رستو اختيار ڪيو. جيڪي ماڻهو ”پوئين دروازي“ (غير جمهوري طريقي) مان اقتدار ۾ اچن ٿا، اهي نه ته جمهوريت جو احترام ڪن ٿا ۽ نه ئي انساني وقار جي پرواهه ڪن ٿا. سهيل آفريدي چيو ته منهنجو آئين ۽ منهنجو قانون مون کي پرامن احتجاج جي اجازت ڏئي ٿو، پر جيڪڏهن اهي پرامن احتجاج جي اجازت نٿا ڏيڻ چاهين ته پوءِ انهن کي آئين مان هي شق ختم ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته اسان 27 سيپٽمبر تي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي ۽ اسان ضرور پرامن طريقي سان ان لاءِ نڪرنداسين. هن زور ڏئي چيو ته عمران خان جي ڀينرن، اڳواڻن ۽ قانون سازن کي گرفتار ڪري تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿينديون، ۽ هن ڀيري ماڻهو وڏي تعداد ۾ ٻاهر نڪرندا.اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن گذريل چئن سالن دوران اهي اسان کي خوفزده ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ته هاڻي اهي ڇا حاصل ڪري سگهندا؟ حالتون ڪهڙيون به هجن، لانگ مارچ ضرور ٿيندو.صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي سهيل آفريدي چيو ته لانگ مارچ بابت مڪمل تفصيل 25 سيپٽمبر تي جاري ڪيا ويندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي بغير ڪنهن هٿيار جي اسلام آباد ڏانهن پرامن مارچ ڪندا، ڇاڪاڻ ته انهن جو مقصد سياسي ذريعن سان مسئلي کي حل ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو