ڪنڌڪوٽ:(ن س) ڪنڌڪوٽ ڀرسان موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن گوليون هڻي پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس ذريعن موجب ڀنگوار برادري جي هٿياربندن پوليس اهلڪار کي قتل ڪيو آهي، واقعي کان پوءِ هٿياربند فرار ٿي ويا، جڏهن ته شهيد پوليس اهلڪار جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.قتل ٿي ويل مقتول جي سڃاڻپ پوليس اھلڪار ظفر سنجراڻي جي نالي سان ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب پوليس اھلڪار ظفر سنجراڻي کي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل بنگل ڀنگوار جي بدلي ۾ قتل ڪيو ويو. بنگل ڀنگوار جي وارثن پوليس اهلڪار ظفر سنجراڻي تي قتل جو الزام لڳايو هو. واقعو پوليس اسٽيشن بي سيڪشن جي حد ۾ پيش آيو.










