خضدار (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي نگراني ڪندڙ مرڪز موجب، خضدار ۾ آيل زلزلي جي شدت 4.5 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي گهرائي 30 ڪلوميٽر هئي.مرڪز ٻڌايو ته زلزلي جو مرڪز خضدار کان 45 ڪلوميٽر اوڀر طرف واقع هو.جهٽڪا محسوس ٿيڻ تي رهواسين ۾ خوف و هراس ڦھلجي ويو؛ مقامي ماڻهو ڪلمئه طيبه جو ورد ڪندي پنهنجي گهرن ۽ دڪانن مان ٻاهر نڪري کليل هنڌن تي گڏ ٿي ويا.










