راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز هنگو ۾ خارجين خلاف آپريشن ۾ 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 آفيسرن سميت 6 فوجي شهيد ٿي ويا. پاڪستان فوج جي ميڊيا ونگ انٽر سروسز پبلڪ رليشنز موجب، سيڪيورٽي فورسز هڪ اثرائتو آپريشن ڪندي ڀارت جي حمايت يافته ”فتنه الخوارج“ سان لاڳاپيل اٺ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. فائرنگ جي سخت ڏي وٺ دوران ڪيپٽن ابو ذر فاروق ۽ ليفٽينٽ شيراز بابر سميت ڇهه جوان شهيد ٿي ويا. ترجمان ٻڌايو ته 23 سالن جي ڪيپٽن ابو ذر فاروق جو تعلق گجرانوالا ضلعي سان هو، جڏهن ته 22 سالن جي ليفٽيننٽ شيراز بابر جو تعلق چڪوال ضلعي سان هو، ٻنهي شهيد آفيسرن پنهنجي دستن جي اڳواڻي ڪندي بهادريءَ سان مقابلو ڪيو. علائقي ۾ باقي بچيل دهشتگردن جي خاتمي لاءِ هن وقت ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.فوج جي ترجمان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ”عزمِ استحڪام“ مهم تحت دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آپريشن مڪمل عزم ۽ قوت سان جاري رهندا. هن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ مدد حاصل ڪندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي غير متزلزل عزم کي ورجايو.










