ڪوهاٽ: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه صوبي جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي الزام لڳائيندي چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو سبب ناڪام پرڏيهي پاليسي آهي.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي ڪوهاٽ جو دورو ڪيو جتي هن اسپتال جو دورو ڪري پوليس لائنز دهشتگردي جي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي عيادت ڪئي.سهيل آفريدي ڪوهاٽ پوليس لائنز دهشتگردي جي شهيدن جي گهر ڀاتين سان ملاقات ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه 2004 کان هينئر تائين دهشتگردي جي خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي سبب 80 هزار قيمتي جانيون ضايع ٿيون. پي ٽي آءِ باني عمران خان جي حڪومت ۾ خيبرپختونخواهه ۾ امن قائم هو.هن چيو ته قبائلي ضلعن جون معاشي حالتون خراب ٿي ويون آهن. خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي جيڪا اڃان به وڌي رهي آهي. دهشتگردي ۾ اضافي جو هڪ سبب ناڪام پرڏيهي پاليسي آهي. بند ڪمرن ۾ ويهي فيصلا ڪندڙ پاليسي ڪارآمد ۽ موثر نه آهي.سهيل آفريدي جو چوڻ هو ته موجوده پاليسي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ بهتر نه آهي. اسان جي پاليسي پي ٽي آئي جي فائدي جي لاءِ نه، ڪي پي ڪي ۽ ملڪ جي فائدي لاءِ آهي. اسان جي پاليسي تي عمل ڪيو وڃي ته 100 ڏينهن ۾ امن قائم ٿي سگهي ٿو پر مسئلو اهو آهي ته اسان جي پاليسي تي عمل ڪير ڪندو.هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو پي ٽي آئي کي ختم ڪرڻ ۾ لڳل آهن، هڪ صوبي جو وزيراعليٰ ٻئي صوبي وڃي ٿو ته انهي سان ڪهڙو رويو اختيار ڪيو ويندو آهي. وزيراعليٰ کي ٻئي صوبي ۾ احتجاج کان روڪيو ويندو آهي. وفاقي ادارا پي ٽي آئي کي ختم ڪرڻ ۾ مصروف آهن.سهيل آفريدي جو چوڻ هو ته اسان کي دهشتگرد چيو وڃي ٿو ۽ چيو ويندو آهي ته ڀارت کان خطرو نه آهي، جيڪڏهن ڀارت کان خطرو نه آهي ته ٽن صوبن کان خطرو ڇو قرار ڏنو پيو وڃي. خيبرپختونخواهه جي عوام ۽ پوليس کي پنهنجي لاءِ پاڻ بيهڻو پوندو. مان پنهنجي عوام سان گڏ آهيان ۽ انهن سان ئي گڏ رهندس. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪوهاٽ ۾ پراڻي پوليس لائنز جي مسجد ڀرسان آپگهاتي حملي ۾ 16 پوليس اهلڪارن سميت 22 ڄڻا شهيد ٿيا هئا، واقعي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا.










