قلات ۾  ڪارروائي، 5 دهشتگرد مارجي ويا، 23 مغوي بازياب

قلات ۾ ڪارروائي، 5 دهشتگرد مارجي ويا، 23 مغوي بازياب

قلات (ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي فورسز قلات ويجهو اين-25 (N-25) تي دهشتگردن جي عام رفت و آمد ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 5 دهشتگردن کي ماريندي چڏيو.آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي ٺڪاڻي مان 23 اغوا ٿيل ماڻهن کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو.دهشتگردن اغوا، ڀتا خوري ۽ گاڏيون ڦرڻ لاءِ چيڪ پوسٽ قائم ڪري رکي هئي. دهشتگردن جي ٺڪاڻي مان 6 ٽرڪون، 3 بسون ۽ 2 ڪارون هٿ ڪيون ويون جڏهن ته وڏي تعداد ۾ هٿيار، گوليون ۽ بارودي مواد قبضي ۾ ورتو ويو. ٻئي طرف خاران ۾ دهشتگردن مسافر گاڏيءَ تي آءِ اي ڊي (IED) حملو ڪيو جنهن سان 10 مزدور زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو