پشاور (ويب ڊيسڪ) عدالت فوراً ڪارروائي روڪڻ جي درخواست رد ڪندي ٻڌڻي 23 سيپٽمبر تي مقرر ڪري ڇڏي.ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل نعمان الحق چيو ته دهشتگردي مخالف عدالت ريڊيو پاڪستان جي وڪيل جي درخواست تي مختلف وڊيوز جي فارنزڪ ڪري رهي آهي، جڏهن ته نہ ته ريڊيو پاڪستان ان ڪيس جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي ۽ نہ ئي اهي ان ۾ مدعي آهن.هن وڌيڪ چيو ته ريڊيو پاڪستان جي درخواست تي ڪارروائي روڪي وڌيڪ جوابدارن کي نامزد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ۽ پراسيڪيوشن جي موجودگيءَ ۾ پرائيويٽ ڪائونسل جو مقرر ٿيڻ غير قانوني آهي جيڪو هن وقت پراسيڪيوشن تي اثر انداز ٿي رهيو آهي.صوبائي حڪومت پاران استدعا ڪئي وئي آهي ته اي ٽي سي (ATC) جي 11 دسمبر 2025 واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ انهن درخواستن تي حتمي فيصلي تائين اي ٽي سي جي فيصلي تي عملدرآمد معطل رکيو وڃي. عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي. واضح رهي ته دهشتگردي مخالف عدالت جي جنهن حڪم کي چئلينج ڪيو ويو آهي ان تي پهرين ئي عملدرآمد ٿي چڪو آهي ۽ وڊيو فارنزڪ رپورٽ پوليس کي موصول ٿي چڪي آهي.










