ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار جوڙي اداڪاره ديپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگھ جي گھر نئين مهمان جي آمد ٿي آهي.ديپيڪا پڊوڪون وٽ ٻئي ٻار جي پيدائش ٿي آهي ۽ اها خوشيءَ جي خبر اداڪاره پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي مداحن سان شيئر ڪئي آهي. اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته سندن گھر ٻي ڌيءُ جي پيدائش ٿي آهي، سان گڏ ئي هن پنهنجي پوسٽ ۾ هڪ نئين ڄاول ٻار جي پيرن جي تصوير شيئر ڪئي ۽ تاريخ به ٻڌائي ته هلندڙ مهيني جي 19 تاريخ تي سندن ڌيءُ جي پيدائش ٿي آهي. ديپيڪا جي هن خبر کانپوءِ شوبز ستارن سميت مداحن پاران مبارڪبادن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته جوڙي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار به ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته اداڪاره ديپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگھ جي شادي 2018ع ۾ ٿي هئي ۽ جوڙي جي هڪ ڌيءُ “دعا” به آهي.










