ليوي ختم ڪري ڇڏين ته مارچ ملتوي ڪري ڇڏينداسين

ليوي ختم ڪري ڇڏين ته مارچ ملتوي ڪري ڇڏينداسين

پشاور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته احتجاج جو شوق نه آهي، حڪومت اڄ ئي پيٽروليم ليوي ختم ڪري ڇڏي ته مارچ ملتوي ڪري ڇڏينداسين.خيبرپختونخواهه ۾ جلسن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته 20 سيپٽمبر کان لانگ مارچ شروع ٿيندو، 23 يا 24 مارچ تي اسلام آباد پهچنداسين، مان ڪراچي کان ٽرين مارچ جي ذريعي لانگ ۾ شرڪت جي لاءِ نڪرندس. حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت کي تجويزون پيش ڪيون آهن پر حڪومت مڃڻ کان انڪار ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان مارچ ڪنداسين، جيڪڏهن رڪاوٽون آيون ته پوءِ انهن رڪاوٽن کي ختم ڪنداسين. حافظ نعيم جو چوڻ هو ته پارٽين جي بدلجڻ سان حالتون تبديل ناهن ٿينديون جن پارٽين ۾ مافيا هجن اهي انهن جي خلاف ڪيئن آواز اٿاري سگهن ٿا. جماعت اسلامي جي امير چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت کي به عوامي مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، اتي نه معيشت بهتر ٿئي ٿي ته ئي وري امن قائم ٿئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو