ڌريندرا آسڪر جي معيارن تي پورو لهڻ ۾ ناڪام ڇو وئي؟

ڌريندرا آسڪر جي معيارن تي پورو لهڻ ۾ ناڪام ڇو وئي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) باڪس آفيس تي شاندار ڪاميابي جي باوجود، ڀارت 99 هين اڪيڊمي ايوارڊز لاءِ فلم ‘ڌريندرا’ کي سرڪاري طور تي نامزد نه ڪيو.”فلم فيڊريشن آف انڊيا“ جي جيوري ميمبر، وويڪ واسواني سوشل ميڊيا تي انڪشاف ڪيو ته جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهن کي ”ڌيريندرا“ پسند آئي، پر اها آسڪرز لاءِ گهربل معيارن تي پوري نه لهي سگهي.”ڌيريندرا“ جي بدران، مراٺي فلم ”گونڌل“ (Gondhal) کي 2027 جي آسڪرز ۾ ڀارت جي سرڪاري نمائندگي ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو آهي.واسواني وضاحت ڪئي ته رنوير سنگهه جي اداڪاري واري اها فلم ڀارتي ثقافت جي ان انداز ۾ نمائندگي نه ڪري سگهي جنهن جي تلاش جيوري کي اڪيڊمي ايوارڊز لاءِ فلم چونڊڻ وقت هئي.هن ٻڌايو ته ڀارت جي آسڪر انٽري (نامزدگي) جي چونڊ جي ذميوار 14 رڪني جيوري مان صرف چئن ميمبرن ”ڌيريندرا“ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته ”گونڌل“ کي مجموعي طور تي 33 فلمن مان چونڊيو ويو.هن فهرست ۾ 14 هندي، 4 مراٺي، 4 تيلگو، 3 گجراتي، 3 تامل، 1 مليالم، 1 نيپالي ۽ ناگالينڊ جي هڪ فلم شامل هئي.قابلِ ذڪر ڳالهه اها آهي ته ”گونڌل“ – جنهن جي لکڻي ۽ هدايتڪاري سنتوش ديواڪر ڪئي آهي – هڪ ٿرلر فلم آهي جنهن جو پس منظر مهاراشٽر جي روايتي اڌ رات واري رسم ۽ لوڪ پرفارمنس تي ٻڌل آهي؛ فلم جو نالو به ان ئي روايت مان ورتل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو