محمد فاروق پاران هڪ اننگز ۾ وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو رڪارڊ قائم

محمد فاروق پاران هڪ اننگز ۾ وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو رڪارڊ قائم

لاهور (ويب ڊيسڪ) محمد فاروق پاڪستاني فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي هڪ ئي اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. پاڪستاني ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽر محمد فاروق هي رڪارڊ راولپنڊي جي شعيب اختر اسٽيڊيم ۾ ”پريزيڊنٽس ٽرافي“ فرسٽ ڪلاس ٽورنامينٽ دوران KRL خلاف MIT سولوشنز (MIT Solutions) جي نمائندگي ڪندي قائم ڪيو.فاروق ٻئي رائونڊ جي پهرين اننگز ۾ 163 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو؛ سندس اننگز ۾ 11 چوڪا ۽ 14 ڇڪا شامل هئا.ان کان اڳ، پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ فرسٽ ڪلاس اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو رڪارڊ گل فراز خان جي نالي هو، جنهن 1976-77 جي سيزن ۾ پاڪستان يونيورسٽيز خلاف 12 ڇڪا هنيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو