اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين پيٽرول ۽ ڊيزل تي پنهنجو مارجن في ليٽر 1 رپيو 22 پئسا وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل پاران اوگرا جي چيئرمين کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا 66 ارب رپين جا التوا ۾ پيل پرائس ڪليمز ۽ مارجن جلد منظور ڪري واجبات ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. خط موجب مارچ 2026ع کان آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا ڪليمز التوا ۾ پيل آهن، جن جي تصديق جو عمل جلد مڪمل ڪري رقم ادا ڪئي وڃي. آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل جو چوڻ آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي مارجن ۾ سيپٽمبر 2023ع ۾ اضافو ڪيو ويو هو، جنهن تحت 1 رپيو 22 پئسا في ليٽر واڌ تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پيٽروليم ڊيلرز لاءِ 1 رپيو 34 پئسا في ليٽر اضافي مارجن تي عملدرآمد ٿي چڪو آهي، جڏهن ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين لاءِ 1 رپيو 22 پئسا في ليٽر واڌ اڃا تائين نوٽيفاءِ نه ڪئي وئي آهي.










