ڪوهاٽ(ويب ڊيسڪ) ڪوهاٽ پوليس لائين ۾ زوردار ڌماڪي ۾ 15 پوليس اهلڪارن سميت 21 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 50 کان مٿي زخمي آهن جن مان 15 جي لڳ ڀڳ سخت زخمي آهن. زخمين کي ڪوهاٽ جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ڪجهه زخمين کي پشاور به منتقل ڪيو ويو آهي. آءِ جي پوليس موجب خودڪش بمبار بارود سان ڀريل گاڏي عمارت جي گيٽ سان ٽڪرائي جنهن بعد ڪجهه هٿياربند سي ٽي ڊي ۽ ڪجهه اسپيشل برانچ جي آفيس تي فائرنگ ڪندا آيا جنکي پوليس ماري ڇڏيو، مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 6 ٻڌايو ويو آهي. ڌماڪي جي ذميواري حافظ گل بهادر جي اتحاد المجاهدين قبول ڪئي آهي. ان کان اڳ ريسڪيو 1122 جي ترجمان بلال احمد فيضي ابتدا ۾ ٻڌايو هو ته ريسڪيو ٽيمون سرگرم آهن. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جون ٽيمون پهچي ويون آهن، علائقي جو گهيرو ڪري تلاشي ورتي پئي وڃي. پراڻي پوليس لائين ۾ سي ٽي ڊي جي آفيس به واقع آهي، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو آهي. ڪوهاٽ ۽ هنگو روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. جمعي نماز جي موقعي تي ڌماڪو ٿيو آهي. جيو نيوز آءِ جي ڪي پي ڪي ذوالفقار حميد جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته بارود سان ڀريل گاڏي پوليس لائين جي گيٽ سان ٽڪرائي وئي جنهن بعد ڌماڪو ٿيو ۽ فائرنگ به ٿي آهي. وڌيڪ تفصيل ڪجهه دير بعد










