ڪراچي (ايڊيٽر ڊيسڪ)چيني صدر شي جن پنگ جي آمريڪا جي دوري کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ امڪان آهي ته ايران آمريڪا جنگ بابت اهم اعلان سامهون اچي سگهي ٿو.
چيني صدر شي جن پنگ 23 سيپٽمبر تي مقامي وقت موجب شام 4 وڳي جوائنٽ بيس اينڊريوز تي لهندو، جتي صدر ٽرمپ پاڻ سندس استبال ڪندو. ٻنهي دنيا جي وڏين طاقتن جي اڳواڻڻ جي هن سال اها ٻئي ملاقات هوندي. صدر ٽرمپ 31 مارچ کان 2 اپريل تائين بيجنگ جو دورو ڪيو هو.
چيني صدر جي دوري کان رڳو هڪ هفتو اڳ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي 16 سيپٽمبر کان 17 سيپٽمبر تائين بيجنگ جو دورو ڪيو. جنهن ۾ هرمز لنگهه ۽ باب المندب کولڻ، حوثين جي سعودي عرب تي حملن سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون.
سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران چاهي ٿو ته آمريڪا ’اسلام آباد ايم او يو‘ تي عمل ڪري، ناڪابندي ختم ڪري ته هو عمان سان گڏ هرمز لنگهه کولڻ لاءِ تيار آهي. عباس عراقچي چيني همنصب وانگ يي سان ملاقات بعد 17 سيپٽمبر تي پاڪستان جي فيلڊ مارشل عاصم منير کي بيجنگ مان فون ڪري حوثين جي حملن بابت اعتماد ۾ ورتو هو.
جيتوڻيڪ سعودي عرب چيو آهي ته حوثين مڪي پاڪ تي ڊرون حملو ڪيو، جيڪو ناڪارا بڻايو ويو پر حوثين ان جي سختي سان تردي ڪئي آهي ته هنن پيخمبر جي ولادٽ واري مقدس شهر تي حملو ناهي ڪيو ۽ نه هو ائين ڪري سگهن ٿا.
ڪجهه مغربي سفارڪارن جو خيال آهي ته اربع تي حوثين پاران سعودي عرب کي مليل آمريڪي جنگي جهاز ايف 15 جي يمن ۾ ڪيرائڻ بعد سعودي عرب مڪي تي حملي جي خبر هلائي، جنهن جي مڪمل تصديق نٿي ڪري سگهجي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيني صدر شي جن پنگ جي آمريڪي دوري جي نتيجن تائين ايران انتظار ڪندو ۽ حوثي به شايد تيسين سعودي عرب تي حملن ۾ ڍرائي آڻين.
چين جي صدر جو دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن گڏيل قومن ۽ مصنوعي ذهانت جي ماهرن پاران انسانيت لاءِ وڌندڙ خطرن بابت بحٿ هلي رهيو آهي. مصنوعي ذهانت جي ريگوليشن بابت فريم ورڪ تي به صدر ٽرمپ ۽ شي جن پنگ جي ملاقات ۾ ڳالهيون متوقع آهن.










