خارجين خلاف ڪامياب آپريشن تي فورسز کي خراج پيش

خارجين خلاف ڪامياب آپريشن تي فورسز کي خراج پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ”فتنه الخوارج“ خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ صدر دهشتگردن خلاف آپريشنز دوران شهيد ٿيندڙ بهادر فوجين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون قوم جي عزم ۽ حوصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.شهيد فوجين جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان جا بهادر پٽ وطن جي دفاع ۽ امن لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن.ان دوران، وزيراعظم شهباز شريف هنگو ۽ اتر وزيرستان ۾ ڏهه ”خوارجي“ کي هلاڪ ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪئي ۽ دهشتگردن سان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيندڙ ڇهن فوجين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.شهباز شريف چيو ته دفاع، امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ اسان جا بهادر پٽ پوري قوم جا هيرو آهن؛ شهيدن جون عظيم قربانيون قوم لاءِ مشعلِ راهه آهن ۽ سندن رت رائيگان نه ويندو.وزيراعظم عزم ظاهر ڪيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جا آپريشن مڪمل قوت سان جاري رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو