ڪي پي  ۾ جهڙپون، 6 فوجي جوان شهيد، 10 خارجي مارجي ويا

ڪي پي ۾ جهڙپون، 6 فوجي جوان شهيد، 10 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ ٿيل جهڙپن دوران ڇهه فوجي شهيد ۽ ڏهه ”خارجي“ مارجي ويا، پاڪستان فوج جي ميڊيا ونگ (آءِ ايس پي آر) مطابق، سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي هڪ آپريشن ڪيو. مختلف آپريشنز دوران ڇهه فوجي شهيد ٿيا، جڏهن ته ڀارت جي حمايت يافته ”فتنه الخوارج“ سان تعلق رکندڙ ڇهه ”خارجي“ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويا. سيڪيورٽي فورسز ”خارجين“ جي ٺڪاڻن کي مؤثر نموني نشانو بڻايو، ڀارتي حمايت يافته ”فتنه الخوارج“ سان لاڳاپيل ڇهه ”خارجي“ سخت فائرنگ ۾ مارجي ويا، جڏهن ته هنگو ضلعي ۾ آپريشن دوران وڌيڪ چار ”خارجي“ مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز جي قافلي کي بارودي سرنگ ذريعي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه بهادر فوجين وطن جي حفاظت ڪندي پنهنجون جانون قربان ڪيون. آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل ”خارجين“ کان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو، جيڪي علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هئا؛ علائقي ۾ موجود باقي ”خارجين“ جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي واري دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن مڪمل عزم سان جاري رهندا؛ بهادر فوجين جون اهي قربانيون هر قيمت تي ملڪ جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو