ملتان: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته جهاز مريم نواز جو نه پر پنجاب حڪومت جو آهي، جهاز گهر کڻي نه ويندس، جهاز جا پوڻا 3 ڪروڙ روپين جا خرچ پاڻ ادا ڪيا.ملتان ۾ جديد ۽ ماحول دوست گرين اليڪٽرڪ بس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته تنقيد جهاز تي نه پنجاب جي ترقياتي ڪمن تي ٿيندي آهي، ڪنهن به ڪڏهن اهو ناهي چيو ته اسان پنهنجي صوبي ۾ هي ڪم ڪيا، مان قسم کڻي چوان ٿي ته پنجاب ڪنهن جو به حق ناهي کاڌو پر پنهنجي حق مان ٻين صوبن کي هميشه ڏنو آهي.مريم نواز چيو ته جيڪي ماڻهو سرڪاري جهاز ذاتي مقصد جي لاءِ استعمال ڪري سرڪاري ناڻي مان پئسا ڏيندا آهن انهن تي ته ڪي به ڳالهيون ناهن ٿينديون ڳالهيون مون تي ٿي رهيون آهن جنهن پنهنجي کيسي مان پئسا ڏنا آهن. مان الله تعاليٰ کان پوءِ صرف عوام آڏو جوابده آهيان ڪنهن ولاگر يا يو ٽيوبر جي آڏو نه.مريم نواز چيو ته گرين بس سروس ملتان جي عوام لاءِ وڏو تحفو آهي، هن بس سروس جو عام ڀاڙو صرف 20 روپيه جڏهن ته عورتن، شاگردن، شاگردياڻين، معذور ماڻهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي بزرگ شهرين جي لاءِ سفر 100 سيڪڙو مفت هوندو. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جي آخري حد تائين گرين بس سروس کي پکيڙيو پيو وڃي ته جيئن صوبي جي عوام جديد ۽ سستي سفر جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهي. ملتان ۾ 60 اليڪٽرڪ بسن سان گڏ سروس جي شروعات ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ 100 بسون فراهم ڪيون وينديون.هن چيو ته ملتان جي سمورن روٽس تي گرين اليڪٽرڪ بسون هلنديون. خصوصي ماڻهن لاءِ وهيل چيئر ۽ ريمپ جي سهولت ڏني وئي آهي. گرين بسن ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳل آهن، پنجاب ۾ رهندڙ هر شخص منهنجي ذميواري آهي، منهنجي حڪومت ۾ ڪوبه شخص بس جي ڇت تي سفر نه ڪندو جڏهن اوهان کي صبح جو ملتان جي روڊن تي گرين بس سروس ڊوڙندي نظر ايندي ته سوچي وٺجو ته نوازشريف جي ڌيءَ آئي آهي.










