ڪوٽ لالو ۾ 7 ورهين جي نينگر جو لاش ڦٽين مان هٿ

ڪوٽ لالو ۾ 7 ورهين جي نينگر جو لاش ڦٽين مان هٿ

ڪوٽ لالو (ن س): جلالجي اسٽاپ تان ٻن ڏينهن کان گم ٿيل 7 ورهين جي نينگر سرفراز مجيداڻو جو لاش سندس ئي دڪان جي ڀانڊي مان ڦٽين هيٺان دٻيل حالت ۾ هٿ اچڻ بعد علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي.وارثن موجب نينگر سرفراز مجيداڻو ٻہ ڏينهن اڳ شام جي وقت دڪان تان گم ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ وارثن سندس مختلف هنڌن تي ڳولا ڪئي، پر نينگر جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو. وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر جي گم ٿيڻ کانپوءِ ڦٽين جي ڀانڊي سميت سڄي علائقي ۾ ڳولا ڪئي وئي، پر هو هٿ نه آيو. وارثن موجب اڄ صبح ڦٽين جي ٽرالي ڀرڻ لاءِ مزدورن جڏهن ڦٽيون ڪڍيون ته هيٺان نينگر جو لاش نظر آيو. نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته وارثن کي بيهوشي جا دورا پڻ پئجي ويا. واقعي جا سبب ۽ نينگر جي موت بابت حتمي حقيقتون جاچ کانپوءِ ئي سامهون اچي سگهنديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو