ڊگهڙي ۾ نوجوان جي مبينا خودڪشي، گهر ۾ ڪهرام

ڊگهڙي ۾ نوجوان جي مبينا خودڪشي، گهر ۾ ڪهرام

ڊگهڙي (ن س): ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ ڪانگڻي موري جي رهواسي نوجوان مبينا طور پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، واقعي بعد علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي.مليل ڄاڻ موجب ڳوٺ ڪانگڻي موري جو رهواسي ثناءُ الله پٽ نورحسن جروار، يوسي چيئرمين غلام رسول جروار ۽ اي ايس آءِ عبدالخالق جروار جو ڀائٽو ٻڌايو پيو وڃي. نوجوان کي زخمي حالت ۾ ڊگهڙي شهر جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن پاران موت جي تصديق کانپوءِ نوجوان جو لاش وارث پنهنجي ڳوٺ کڻي ويا. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته وارثن ۽ گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پکڙجي ويو. واقعي جا سبب فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهيا آهن. پوليس طرفان واقعي بابت وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جا تفصيل سامهون اچڻا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو