ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ پسند جي شادي تان هٿياربندن فائرنگ ڪري پنهنجي ڀيڻويي عباس علي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واردات بعد فرار ٿيندڙ ملزم مامين مان هڪ کي علائقي واسين جهلي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هو به ٿڏي تي ئي مارجي ويو. پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي مک ملزم سالي عبدالملڪ ۽ سندس هڪ ٻئي ساٿي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب اورنگي ٽائون ۾ پسند جي شادي جي رنجش تان 3 هٿياربندن فائرنگ ڪري عباس علي نالي شخص کي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ بعد فرار ٿيندي ملزمان جي موٽرسائيڪل خراب ٿي پئي، جنهن تي پٺيان ايندڙ چؤڌاري گڏ ٿيل ماڻهن انهن کي گھيري ورتو ۽ هڪ ملزم (مامي) کي جهلي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس ترت پهچي ڪارروائي ڪندي مک ملزم عبدالرحيم ۽ سندس ساٿي کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار ملزم اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي مامو ۽ ساٿي سان ملي پسند جي شادي تان ڀيڻويي عباس علي کي قتل ڪيو. پوليس ملزمان جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار ۽ گوليون پڻ هٿ ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته ٻنهي مڙهن کي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










