ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اسنيپ چيڪ دوران چوري ٿيل گاڏيون هٿ ڪرڻ کان پوءِ ڪاٺياوادي گينگ سان تعلق رکندڙ ٽن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.اينٽي ڪار لفٽنگ سيل (اي وي ايل سي) ڏکڻ ڪراچي جي عملدارن موجب، برآمد ٿيل گاڏين مان هڪ درخشاں پوليس اسٽيشن جي حد مان چوري ڪئي وئي هئي.گرفتار ٿيل ٽئي شڪي ماڻهو ڪاٺياواڙي گينگ سان لاڳاپيل آهن.اي وي ايل سي عملدارن اهو به چيو آهي ته آپريشن دوران هڪ شڪي رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ۽ ان جي ڳولا جاري آهي.










