نئون ڪوٽ، گاهه وڍڻ تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 3 زخمي

نئون ڪوٽ، گاهه وڍڻ تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 3 زخمي

نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ ڀرسان ٻني مان چوري گاهه وڍڻ تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 3 زخمي، ڪيس داخل نہ ٿيو، پوليس ٽن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، خبر موجب نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ لال بخش چانڊيو ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻني مان چوري گاھ وڍڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺين ۽ ڪهاڙين جي وار سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال پهچايو، جن مان هڪ ڄڻي علي گوهر چانڊيو جي حالت ڳڻتي نازڪ هئڻ ڪري کيس حيدرآباد ريفر ڪيو پيو، جنهن زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ دم ڏئي، فوتي نوجوان جي والد ولي محمد چانڊيو ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڳوٺ ستار چانڊيو واسي هڪ نوجوان اسان جي زمين مان گاه چوري وڍيو جنهن کي اسان روڪيو تہ اڄ صبح مهل منهنجي پٽ علي گوهر مال پئي چاريو ته 8 کان وڌيڪ ڄاتل ڪجھ اڻ ڄاتل ماڻهن حملو ڪري منهنجي پٽ علي گوهر سميت چئن ڄڻن حاجي چانڊيو، علي گل ۽ جانو چانڊيو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي زخمين کي پوليس رورل هيلٿ سينٽر نئون ڪوٽ آندو جتي منهنجي پٽ جي حالت نازڪ هئڻ ڪري حيدرآباد کڻي وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ هن دم ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته منهنجي پٽ کي بيدردي سان م

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو