’مڪا معاهدو‘دفاعي نوعيت جو آهي، ڪي بي علائقائي مقصد نه آهن

’مڪا معاهدو‘دفاعي نوعيت جو آهي، ڪي بي علائقائي مقصد نه آهن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ ٿيل ٽه طرفي معاهدي تي ٻڌل مڪا دفاعي اتحاد جا ڪي به ”علائقائي مقصد“ ناهن، ۽ ان جو مقصد گڏيل بچاءُ ۽ روڪٿام آهي.
فوجي ترجمان اهي ڳالهيون العربيه انگلش جي پروگرام ”گلوبل نيوز ٽوڊي“ ۾ ميزبان ٽام برجز واٽسن سان ڳالهائيندي ڪيون.
پروگرام دوران، جيڪو اربع جي شروعاتي ڪلاڪن ۾ نشر ٿيو، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري کان معاهدي تحت پاڪستان جي ذميوارين بابت سوال ڪيو ويو.
هن چيو ته اهو معاهدو سعودي عرب سان پاڪستان جي ڏهاڪن پراڻي لاڳاپن ۽ برادر ملڪ ترڪي سان لاڳاپن کي گڏيل بچاءَ ۽ روڪٿام جي شعبن ۾ باضابطه شڪل ڏئي ٿو.
ميزبان پڇيو ته ڇا اهو معاهدو بنيادي طور دفاعي سهڪار تائين محدود آهي يا ڪنهن وسيع حڪمت عملي واري اتحاد جي شروعات آهي؟
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته اهو معاهدو پنهنجي نالي وانگر دفاعي نوعيت جو آهي.
هن چيو: ”اهو دفاعي آهي. ان ۾ ڪا جارحاڻي ڳالهه ناهي. ان جا ڪي به علائقائي مقصد ناهن. اهو گڏيل روڪٿام لاءِ آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته معاهدو ٻين لاڳاپن سان هم آهنگ پڻ آهي.
هن وضاحت ڪئي ته اتحاد ۾ شامل ملڪن جا ٻين ملڪن، گروهن ۽ اتحادين سان پڻ آزادانه لاڳاپا آهن.
هن چيو ته تنهن ڪري هي گڏيل دفاعي معاهدو پنهنجي نوعيت ۾ ٻين لاڳاپن سان هم آهنگ آهي ۽ انهن ملڪن جي ڪنهن به ٻئي لاڳاپي سان مقابلو نٿو ڪري.
ان تي ميزبان سوال ڪيو ته ڇا معاهدي ۾ هڪ ٻئي جي دفاع جي ڪا گڏيل ذميواري به شامل آهي؟
ليفتيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري مختصر جواب ڏيندي چيو ته ٽنهي ملڪن جي قيادت طرفان جاري ڪيل معاهدي جي متن ۾ اها ڳالهه بلڪل واضح نموني بيان ٿيل آهي ۽ ان جي تشريح پڻ واضح آهي.
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته جيڪڏهن اتحاد ۾ شامل ٽنهي مان ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٿئي ته پاڪستان جو ردعمل ڇا هوندو، ته هن چيو ته دفاعي ذميوارين تي عملي طريقيڪار بابت تفصيل ڪڏهن به عوامي سطح تي ظاهر ناهن ڪيا ويندا.
هن چيو ته ڪيترائي ٻيا معاهدا پڻ دفاعي نوعيت جا ۽ پابندين وارا هوندا آهن، پر ڪو به ملڪ پنهنجي دفاعي ڪارروائين جا عملي تفصيل عوام سان شيئر نٿو ڪري.
هن چيو ته سوال اصل ۾ اهو آهي ته پاڪستان کي ڪنهن جارحيت کان ڪيئن بچايو ويندو. هن موجب اهو هميشه عملي منصوبابندي ۽ سلامتيءَ جي درجي بندي جو حصو هوندو آهي. اهو ٽنهي ملڪن کي گڏجي طئي ڪرڻو آهي ته اهو ڪيئن ڪيو ويندو ۽ ان تي ڪيئن عمل ٿيندو.
چين سان لاڳاپا
جڏهن خاص طور تي کانئس پڇيو ويو ته ڇا هو هن اتحاد کي چين سان پاڪستان جي لاڳاپن سان هم آهنگ يا مقابلي وارو سمجهي ٿو، ته ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته هي اتحاد پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن سان هم آهنگ آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب توڙي پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا اوچتو وجود ۾ نه آيا آهن. چين انهن لاڳاپن کي سمجهي ٿو ۽ سڄي دنيا پڻ انهن کان واقف آهي، ڇاڪاڻ ته اهي تاريخي لاڳاپا آهن.
هن چيو ته پاڪستان انهن لاڳاپن کي هاڻي باضابطه شڪل ڏني آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به ان تي اعتراض ناهي، ڇاڪاڻ ته سڀ سمجهن ٿا ته هي معاهدو دفاعي نوعيت جو آهي ۽ خطي ۾ استحڪام ۽ امن برقرار رکڻ لاءِ آهي. هن چيو ته اتحاد ۾ شامل ٽنهي ملڪن جا چين سان به بهترين لاڳاپا آهن.
ڇا هي مسلم دنيا جو دفاعي اتحاد بڻجي سگهي ٿو؟
انٽرويو دوران ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري کان اهو پڻ پڇيو ويو ته ڇا هو هن دفاعي معاهدي کي مسلم دنيا جي وسيع سلامتي واري ڍانچي جو حصو بڻجندي ڏسي ٿو؟
هن جواب ڏنو ته معاهدي ۾ ڪٿي به اهو ناهي لکيل ته هي مسلم اتحاد آهي، پر اهو علائقائي استحڪام لاءِ قائم ڪيل اتحاد آهي.
هن چيو ته ”هي رڳو مسلمان ملڪن لاءِ ٺاهيل ڪو ڪلب ناهي.“
هن وڌيڪ چيو ته اتحاد کي وڌائڻ بابت فيصلا پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جي قيادت ڪندي.
هن چيو ته هي معاهدو ۽ اتحاد انهن نون خواهشمند ڀائيوارن لاءِ به کليل ٿي سگهي ٿو، جيڪي علائقائي امن، استحڪام ۽ سلامتي تي يقين رکن ٿا ۽ عدم جارحيت، عدم مداخلت ۽ گڏيل روڪٿام جي گڏيل سوچ رکن ٿا.
بهرحال، هن وضاحت ڪئي ته اتحاد ۾ ڪهڙن ملڪن کي، ڪڏهن ۽ ڪيئن شامل ڪيو وڃي، ان جو فيصلو ٽنهي ملڪن جي قيادت ڪندي.
7 آگسٽ تي ٽنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت هڪ ميمبر ملڪ تي حملو سڀني ميمبر ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو. ان جو پهريون اجلاس 31 آگسٽ تي استنبول ۾ ٿيو، جتي فيصلو ڪيو ويو ته شروعاتي طور پاڪستان ٽن سالن لاءِ اتحاد جي سيڪريٽريٽ جي سربراهي ڪندو.
معاهدي تي صحيح ٿيڻ کان پوءِ ان جي ممڪنه توسيع بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي. ترڪي شروعاتي طور مصر کي اتحاد ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو هو، پر قاهره طرفان ان جي ڪا تصديق ناهي ڪئي وئي.
پاڪستان طرفان وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار معاهدي تي صحيح ٿيڻ کان پوءِ واضح ڪيو هو ته اهو معاهدو مڪمل طور دفاعي نوعيت جو آهي. اسحاق ڊار چيو هو ته اهو اتحاد خطي جي ڪنهن به اهڙي ملڪ لاءِ کليل آهي، جيڪو ان جي بنيادي اصولن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار هجي.
بهرحال، گذريل هفتي هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاح حيدر خان کان معاهدي جي توسيع بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ان وقت اتحاد جي توسيع جو ڪو منصوبو غور هيٺ ناهي.
هن وضاحت ڪئي ته ٽنهي ملڪن کي پهريان نئين تنظيم کي مضبوط ڪرڻو پوندو، ان کان پوءِ ساڳئي قسم جي خطرن ۽ ضرورتن کي منهن ڏيندڙ ٻين ملڪن کي شامل ڪرڻ بابت غور ڪيو ويندو.
آمريڪا، ايران وچ ۾ ثالثي ۽ پاڪستان جي ”منفرد حيثيت“
انٽرويو دوران ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري کان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ثالثي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بابت پڻ سوال ڪيو ويو ۽ پڇيو ويو ته ڇا مڪا دفاعي اتحاد ايران بابت اسلام آباد جي موقف کي پيچيده بڻائي ٿو؟
هن جواب ڏنو ته ائين ناهي. هن چيو ته هي اتحاد ڏهاڪن کان قائم حڪمت عملي وارن لاڳاپن تي ٻڌل آهي.
هن چيو ته هي اتحاد هڪ مخصوص ماحول ۾ انهن حڪمت عملي وارن لاڳاپن کي باضابطه شڪل ڏيڻ آهي ۽ ٻيهر واضح ڪيو ته معاهدو گڏيل روڪٿام تي ٻڌل آهي. سندس چوڻ هو ته دفاعي معاهدي ۾ جارحاڻو عنصر موجود ناهي ۽ اهو مڪمل طور دفاعي نوعيت جو آهي.
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري وچ اوڀر جي تڪرار ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪرڻ ڇو چونڊيو آهي، ته هن مختصر جواب ڏنو: ”علائقائي امن لاءِ.“
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري وڌيڪ چيو ته استحڪام امن مان پيدا ٿيندو آهي ۽ پاڪستان خطي ۾ امن جو حامي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي هن معاملي ۾ ”منفرد حيثيت“ پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي پاليسي دنيا جي مختلف ملڪن سان لاڳاپا رکڻ ۽ انهن سان رابطو برقرار رکڻ تي ٻڌل آهي.
هن چيو ته ان ڪري پاڪستان امن لاءِ غيرجانبدار ثالث ۽ ايماندار ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ثالثي ۾ اڳڀرائي ۽ تڪرار جي حل بابت سوال تي هن چيو ته سٺي ثالثي لاءِ بنيادي شرطن مان هڪ اهو آهي ته ثالث کي غيرجانبدار ۽ مقصد تي قائم رهڻ گهرجي.
هن چيو ته ثالث طور پاڪستان لاءِ اهو مناسب ناهي ته هو انهن معاملن تي تبصرا ڪرڻ شروع ڪري، جيڪي ٿي رهيا آهن يا ٿيڻ وارا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت سمورين ڌرين سان رابطا ڪري رهيون آهن ته جيئن بهتر سوچ غالب اچي ۽ فوجي حل بدران هن پيچيده صورتحال جو ڳالهين ذريعي حل ڪڍيو وڃي.
ميزبان ان امڪان ڏانهن اشارو ڪيو ته آمريڪا ۽ ايران پاڪستان جي تجويز رد ڪري سگهن ٿا ۽ پڇيو ته اهڙي صورت ۾ ڇا اسلام آباد پنهنجي ثالثي جاري رکڻ لاءِ تيار هوندو؟
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جواب ڏنو ته هن تڪرار کي ثالثي کان سواءِ حل ڪرڻ جو ٻيو ڪهڙو طريقو آهي؟ ۽ ڇا ان کان وڌيڪ ڪو گهربل طريقو موجود آهي؟
هن ڳالهين ذريعي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته جيڪي ماڻهو ٻنهي ڌرين وچ ۾ غيرجانبداري ۽ خلوص سان ثالثي ڪري سگهن ٿا، انهن کي پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ گهرجن.
پاڪستان جي اولهندي سرحدن ڏانهن تڪرار پکڙجڻ بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سرحدن، علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي حوالي سان پنهنجي سلامتي بابت تمام پراعتماد ۽ خود ڀروسي وارو آهي.
هن چيو ته ڪنهن به تڪرار جي افقي يا عمودي طور وڌڻ جا خدشا هميشه موجود هوندا آهن ۽ هن تڪرار جا اثر رڳو پاڪستان نه، پر سڄي دنيا محسوس ڪري رهي آهي.
هن چيو ته ڪيترن ئي شعبن ۾ خدشا موجود آهن، پر پاڪستان کي مڪمل يقين آهي ته سندس خلاف پيدا ٿيندڙ ڪنهن به نقصانڪار منصوبي کي منهن ڏئي سگهندو.
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا پاڪستان علائقائي ثالث بڻجڻ چاهي ٿو يا رڳو اهو چاهي ٿو ته علائقائي جنگ سندس دروازي تائين نه پهچي، ته هن چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ دلچسپي رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته امن ۽ استحڪام ترقي، انساني ترقي، خوشحالي ۽ پاڪستان توڙي خطي جي عوام لاءِ ضروري آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن ثالثي امن لاءِ آهي ته پاڪستان ”هميشه اتي موجود هوندو.“
ڀارت سان ڳالهين جا امڪان
ميزبان پوءِ گذريل سال مئي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل مختصر فوجي تڪرار جو ذڪر ڪندي پڇيو ته پاڪستاني فوج ان واقعي مان ڪهڙا سبق سکيا؟
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جواب ڏنو ته وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان تڪرار دوران پاڪستان ۽ ان جي فوج ڪهڙا سبق سيکاريا. هن چيو ته ٻن ايٽمي ملڪن، خاص طور پاڙيسري ملڪن وچ ۾ فوجي تڪرار سوال ئي پيدا نٿو ڪري.
هن ان کي ”محض هڪ قسم جو جنون وارو خيال“ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان اهو پڻ ڏيکاريو ته گذريل سال مئي ۾ ڀارت هڪ ”حڪمت عملي واري وڏي غلطي“ ڪئي.
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا هو سمجهي ٿو ته ڀارت اهو سبق سکيو آهي، ته هن چيو ته ان جو جواب ڀارتي ڌر کي ڏيڻو آهي.
هن چيو ته پاڪستان جو ڪم اهو آهي ته هو ڀارت کي ان سبق جي مسلسل ياد ڏياريندو رهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻي ڌر وٽ ”غرور تي ٻڌل سوچ“ آهي ۽ ڀارتي فوج ”تمام گهڻي سياسي بڻجي چڪي آهي.“
هن چيو ته ڀارت ۾ پنهنجي اندروني مسئلن جو الزام ٻاهرين عنصرن تي وجهڻ جو رجحان موجود آهي، جنهن جو مثال هن اقليتن کي درپيش ڏکيائين سان ڏنو.
ٻئي طرف هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو هڪ ”ٻاهريون مسئلو“ آهي، جنهن کي نئين دهلي جبر ذريعي اندروني معاملو بڻائڻ چاهي ٿو.
فوجي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت کي مسلسل اهو پيغام ڏئي رهيو آهي ته هو ”برابري جي بنياد تي امن“ تي يقين رکي ٿو ۽ هڪ عقلي ۽ مقصد تي ٻڌل ڌر آهي.
هن خبردار ڪيو ته پاڪستان علائقائي امن تي يقين رکي ٿو، پر جيڪڏهن ڀارت کي فوجي جارحيت ذريعي علائقائي بالادستي قائم ڪرڻ بابت ڪا ”غلط فهمي“ آهي ته ان جا نتيجا سندس تصور کان به ٻاهر هوندا.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان گذريل سال مئي ۾ ڀارت ۽ دنيا کي ڏيکاريو ته ان وٽ ڇڪتاڻ کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ ان تي غالب اچڻ جي صلاحيت ۽ عزم موجود آهي. هن وڌيڪ چيو: ”۽ اسان ٻيهر به ائين ڪنداسين.“
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا ڀارت سان فوج کان فوج وچ ۾ مستقل رابطن جي بحالي جا ڪي حقيقي امڪان آهن، ته هن جواب ڏنو: ”ها، يقيناً.“
هن چيو ته مئي واري تڪرار دوران ۽ ان کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي ڊائريڪٽر جنرلز ملٽري آپريشنز وچ ۾ رابطو اثرائتو رهيو.
هن چيو ته رابطو هميشه بهتر هوندو آهي. اسان کي رابطو رکڻ ۽ ڳالهين ۾ شامل رهڻ گهرجي، پر اهو رابطو برابري جي بنياد تي، هڪ ٻئي جي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪندي ٿيڻ گهرجي.
ڀارت سان ڳالهين جي بحالي بابت سوال تي هن چيو ته اهو فيصلو سياسي قيادت کي ڪرڻو آهي، پر ڳالهين جو بنياد برابري هجڻ گهرجي.
هن زور ڏيندي چيو ته ڳالهين يا رابطن کي پاڪستان ۾ جاري ڀارت جي سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي يا جارحيت کي لڪائڻ لاءِ پردو نٿو بڻائي سگهجي.
”دنيا جي واحد ڪامياب دهشتگردي خلاف مهم“
افغانستان بابت ميزبان پاڪستاني فوج جي افغان طالبان بابت گهربل آخري صورتحال بابت سوال ڪيو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فوج جي گهربل آخري صورتحال اصل ۾ پاڪستان جي مجموعي آخري مقصد جو حصو آهي، جيڪو سياسي قيادت طئي ڪري ٿي. تنهن ڪري فوج جو ڪو الڳ آخري مقصد ناهي.
هن چيو ته پاڪستان جا مقصد ۽ خواهشون بنيادي طور سياسي قيادت جي دائري ۾ اچن ٿيون ۽ اهي پاڪستان جي عوام جي خواهشن جو اظهار آهن.
هن چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان مان پاڪستان جي معاملن ۾ ڪا مداخلت نه ٿئي ۽ افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگردي نه ٿئي. اهو ئي بنياد آهي.
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته سفارتڪاري ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ سرحد پار حملن کي روڪڻ لاءِ پاڪستان ڪهڙا طريقا جائز سمجهي ٿو، ته هن چيو ته گڏيل قومن جي آرٽيڪل 51 ۾ خوددفاع جو حق تسليم ٿيل آهي ۽ دنيا جي هر ملڪ کي خوددفاع جو حق حاصل آهي.
هن چيو ته پاڪستاني رياست تي پنهنجي شهرين جي جان، عزت ۽ ملڪيت جي حفاظت جي ذميواري آهي. ان مقصد لاءِ جيڪو ڪجهه ضروري هوندو، اهو ڪيو ويندو ۽ ڪيو پيو وڃي.
ان حوالي سان هن پاڪستان جي دهشتگردي خلاف قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ جي دهشتگردي خلاف مهم ”دنيا جي واحد ڪامياب دهشتگردي خلاف مهم“ آهي.
هن چيو ته پاڪستان افغانستان مان نڪرندڙ دهشتگردي جي خلاف ”مضبوط مورچي واري رياست“ طور بيٺو آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري وڌيڪ ٻڌايو ته هلندڙ سال 42 هزار انٽيليجنس بنيادن تي آپريشنز ڪيا ويا آهن ۽ 2,100 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
پروگرام جي آخر ۾ ميزبان بلوچستان ڏانهن ڳالهه کڻي ويو، جنهن تي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته صوبي ۾ ڪا بغاوت موجود ناهي.
هن چيو: ”اتي رڳو دهشتگردي آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته فوج کي حڪمت عملي ۽ آپريشنل ٻنهي سطحن تي ان حوالي سان مڪمل وضاحت حاصل آهي.
هن چيو ته 42 هزار انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل آپريشنز مان 32 هزار کان وڌيڪ بلوچستان ۾ ڪيا ويا آهن ۽ سيڪيورٽي فورسز انهن نام نهاد ”پروڪسيز“ خلاف ڪارروائي ۾ مصروف آهن، جيڪي پاڻ کي بلوچستان سان لاڳاپيل ظاهر ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ انهن جو بلوچستان سان ڪو واسطو ناهي.
حڪمت عملي واري وضاحت بابت هن چيو ته حڪومت، بلوچستان جا ماڻهو ۽ فوج ان ڳالهه کي سمجهن ٿا ته دهشتگردي سان منهن ڏيڻ جو طريقو دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ ”بلوچستان جي ماڻهن کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ“ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو