عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ لاهه چاڙهه جاري

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ لاهه چاڙهه جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ لاٿ ۽ واڌاري جو سلسلو جاري آهي.آمريڪي خام تيل جي قيمت 104 ڊالر في بيرل آهي.برينٽ خام تيل جي قيمت 108 ڊالر ۽ يو اي اي خام تيل جي قيمت 123 ڊالر في بيرل تي واپار ٿيندي ڏٺو ويو.ان دوران، پاڪستان ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن لاءِ پيٽروليم شين جي نين قيمتن جو اعلان ڪيو ويو آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڊيزل جي قيمت ۾ 6.41 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 4.10 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي.هن واڌ کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 415.83 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي نئين قيمت 384.34 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو