ايڇ آر سي پي پاران سوشل ميڊيا تي پابندي تي نظر ثاني جو مطالبو

ايڇ آر سي پي پاران سوشل ميڊيا تي پابندي تي نظر ثاني جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان يعني ايڇ آر سي پي ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس يعني پي ايف يو جي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته سوشل ميڊيا تي پابندي واري قانون تي نظر ثاني ڪريو. ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ ٻنهي تنظيمن پارليمان جي ايوان بالا يعني سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت قائمه ڪميٽي جي چيئرمين کي خط به لکيو آهي ته آئين ۾ ڏنل بنيادي انساني حقن ۽ شهري آزادين بابت شقن سان ٽڪراءَ ۾ تجويز ڪيل قانون جون شقون نه هجن گهرجن. ٻنهي تنظيمن حڪومت تي زور ڀريو آهي ته جموهري معاشرن ۾ تنقيد اصلاح جو ذريعو هوندو آهي ان ڪري تنقيد پابندي مڙهڻ جا منفي نتيجا نڪرندا. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني به حڪومت جي تجويز ڪيل قانون تي نظر ثاني جو مطالبو ڪيو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو