اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي هيومن رائيٽس سيل جي صدر فرحت الله بابر ۽ جنرل سيڪريٽري ملائڪه رضا چيو آهي ته اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جي نالي تي نون صوبن ٺاهڻ جو شوشو ڇڏيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ ويهي ڪاغذ ۽ پينسل سان صوبا نٿا ٺهي سگهن.فرحت الله بابر چيو ته سياسي پارٽيون اقتدار جي منتقلي کي هيٺين سطح تائين پهچائڻ لاءِ ان کي آئين جو حصو بڻايو آهي، جيڪڏهن سياسي پارٽيون اقتدار هيٺين سطح تائين منتقل نٿيون ڪن ته ان لاءِ آئيني طريقيڪار موجود آهي. نون صوبن جي حوالي سان معاملي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ان کي ڳڻتي جي نظر سان ڏسون ٿا، جيڪي ماڻهو اڄ صوبا ٺاهڻ چاهين ٿا، انهن ئي مرڪزيت قائم ڪئي هئي.فرحت الله بابر چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم خلاف هڪ ذهنيت موجود آهي ۽ جمهوريت کي ان غير جمهوري ذهنيت کان خطرو آهي. عالمي جمهوريت جي ڏينهن جي حوالي سان ڳالهائيندي فرحت الله بابر چيو ته هو جمهوريت لاءِ آواز اٿارڻ چاهي ٿو، اظهار راءِ ۽ گڏجاڻي جي آزادي جي ڳالهه ڪري ٿو. معاشري ۾ جيڪو ڪجهه ڏسون ٿا، ان تي ڳالهائڻ گهرجي، پر اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو ڪري اظهار راءِ جي آزادي ختم ڪئي وئي آهي.فرحت الله بابر چيو ته پيڪا قانون کي هٿيار بڻائي صحافين جي آواز کي بند ڪيو ويو، ايمان مزاري ۽ هادي ڇٽا هميشه گم ٿيل ماڻهن لاءِ آواز اٿاريندا رهيا آهن، پر گم ٿيل ماڻهن جي ڳالهه ڪرڻ تي کين جيل جي سلاخن پٺيان وڌو ويو. فرحت الله بابر چيو ته سياسي جماعتن اندر به جمهوريت هجڻ گهرجي، پر سياسي جماعتن ۾ جمهوريت جو فقدان آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت جي اتحادي ضرور آهي، پر جمهوريت جي معاملي تي حڪومت سان ڳالهائيندا رهندا آهيون. پيپلز پارٽي ۾ هيومن رائيٽس سيل موجود آهي ۽ پارٽي انساني حقن بابت ڳالهائيندي رهي آهي. فرحت الله بابر چيو ته پيپلز پارٽي کيس انساني حقن بابت ڳالهائڻ کان ڪڏهن به نه روڪيو آهي. هن چيو ته ڪوٽا سسٽم آئين ۾ موجود آهي، ان جي خاتمي لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، جڏهن ته ڪراچي کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ سڄي ملڪ مان ماڻهو ڪراچي جو رخ ڪن ٿا.پيپلز پارٽي جي هيومن رائيٽس سيل جي جنرل سيڪريٽري ملائڪه رضا چيو ته ملڪ ۾ ٻارن کي جنسي هراسان ڪري قتل پڻ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عورتن خلاف تشدد ۽ هراسان ڪرڻ جا ڪيس پڻ رپورٽ ٿي رهيا آهن. ملائڪه رضا چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ سنڌ جو تمام وڏو ڪردار آهي ۽ سنڌي عوام جون جمهوريت لاءِ ڏنل قربانيون فخر جوڳيون آهن. هن چيو ته پارليامينٽ کان ٻاهر رهي نوان صوبا ٺاهڻ جو طريقيڪار ارڙهين ترميم تي سڌو حملو آهي.










