اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت پاران سهيل آفريديءَ جي بطور وزيراعليٰ چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست باضابطه ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪئي وئي آهي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ قائم 3 رڪني بينچ سهيل آفريديءَ جي بطور وزيراعليٰ نااهليءَ بابت شير افضل مروت پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواست گذار شير افضل مروت پاڻ دلائل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته وزيراعليٰ پنهنجي مرضيءَ سان استعيفا ڏيندو آهي، علي امين گنڊاپور رضامنديءَ سان استعيفا ناهي ڏني، پر سزا يافته باني پي ٽي آءِ جي چوڻ تي کانئس استعيفا ورتي وئي آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪمن ۾ قرار ڏئي چڪي آهي ته نااهل شخص رياستي معاملا نٿو هلائي سگهي. شير افضل مروت پاران داخل ڪيل درخواست ۾ علي امين گنڊاپور جي بطور وزيراعليٰ بحاليءَ جي به استدعا ڪئي وئي آهي. آئيني عدالت درخواست باضابطه ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪندي خيبر پختونخوا حڪومت ۽ وزيراعليٰ سهيل آفريديءَ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. وفاقي آئيني عدالت عدالتي ساهتا لاءِ اٽارني جنرل کي به نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي آڪٽوبر جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.










