ڀارتي وومين ٽيم ايشيا ڪپ کٽي ورتو،نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار

ڀارتي وومين ٽيم ايشيا ڪپ کٽي ورتو،نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار

دبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي عورتن جي ٽيم دفاعي چيمپيئن سريلنڪا کي شڪست ڏئي اٺين ڀيرو وومينز ايشيا ڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.دبئي ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڀارتي عورتن ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 183 رنسون ٺاهيون.اوپنرز شفالي ورما ۽ سمريتي منڌانا ڀارت کي مضبوط شروعات فراهم ڪئي، جن ترتيبوار 68 ۽ 59 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته رچا گھوش 17 ۽ ڪپتان هرمن پريت ڪور 14 رنسون ٺاهيون.سريلنڪا طرفان مٿالي ايوڊيا، چماري اٿاپٿو ۽ چموڊي پربودھني هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.هدف جو تعاقب ڪندي، سريلنڪا جي عورتن جي ٽيم ويهين اوور جي آخري بال تي 111 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي؛ ڪپتان چماري اٿاپٿو 36 ۽ نلاڪشي ڊي سلوا 22 رنسون ٺاهيون.ڀارت طرفان شريانڪا پاٽل 4 ۽ ديپتي شرما 3 وڪيٽون ورتيون.

ڀارت جو محسن نقوي کان ٽرافِي وٺڻ کان انڪار

ضد جو مظاهرو ڪندي ڀارت پي سي بي چيئرمين ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي کان ٽرافِي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اختتامي تقريب لاءِ محسن نقوي ۽ ٻيا عهديدار اسٽيج تي موجود آهن، پر ڀارتي ٽيم اڃا تائين ڊريسنگ روم مان واپس نه آئي آهي.ان کان اڳ، ڀارت جي مردن جي ٽيم پڻ محسن نقوي کان ٽرافِي وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو