سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ امتحان 20 سيپٽمبر تي ٿيندو، 8 سينٽر قائم

سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ امتحان 20 سيپٽمبر تي ٿيندو، 8 سينٽر قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ 2026 جو امتحان 20 سيپٽمبر تي ٿيندو، ايس ٽي ايس موجب ايم ڊي ڪيٽ اميدوارن لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ٽيسٽ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.ايس ٽي ايس موجب اميدوار پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ جي آءِ ڊي ذريعي ايڊمٽ سلپون ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته اميدوارن کي ايڊمٽ سلپ جو پرنٽ پڻ اڳواٽ ڪڍڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايس ٽي ايس واضح ڪيو آهي ته رجسٽريشن وقت اميدوار پاران چونڊيل امتحاني شهر حتمي هوندو ۽ ٽيسٽ سينٽر تبديل نه ڪيو ويندو. ايس ٽي ايس موجب ايم ڊي ڪيٽ اميدوارن کي سندن رجسٽرڊ موبائل نمبرن تي ايس ايم ايس پڻ موڪليا ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو