اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف آچر ڏينهن موٽر سائيڪلن، رڪشن ۽ 800 سي سي تائين گاڏين جي استعمال ڪندڙن لاءِ عالمي سطح تي وڌندڙ تيل جي اگهن جو بار گهٽائڻ لاءِ ”رليف اسڪيم“ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسڪيم مطابق حڪومت عوام کي چيو آهي ته هو حڪومتي پورٽل تي رجسٽريشن ڪرائين.
وچ اوڀر ۾ ٻيهر شروع ٿيل ڇڪتاڻ، جنهن سبب تيل جي فراهمي جي اهم رستن ۾ خلل پيدا ٿيو آهي، گذريل ٻن مهينن دوران ٻارڻ جي اگهن ۾ واڌ جو سبب بڻي آهي. آمريڪا ۽ ايران جي جنگ سبب آبنائي هرمز ۾ پيدا ٿيل بحران کان علاوه باب المندب وارو سامونڊي رستو، جيڪو تازن مهينن دوران سعودي عرب جي تيل جي برآمدات لاءِ اهم رستو بڻجي ويو آهي، اهو به حوثي باغين جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي.
وزيراعظم آفيس طرفان آچر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف ”وچ اوڀر ۾ تازين ڇڪتاڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ ٿيندڙ واڌ جو فوري نوٽيس ورتو آهي، جنهن سبب عوام تي وڌيڪ بار پئجي رهيو آهي.“
بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو حوالو ڏيندي چيو ويو: ”حڪومت تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب عوام تي پوندڙ بار کان مڪمل طور آگاهه آهي. هن ڏکي گهڙيءَ ۾ اسان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.“
وزيراعظم آفيس موجب موٽر سائيڪلن، رڪشن، چنگچي رڪشن ۽ 800 سي سي تائين گاڏين جي استعمال ڪندڙن لاءِ ”خصوصي رليف اسڪيم“ شروع ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت کين في ليٽر 100 رپين جو رليف ڏنو ويندو.
بيان ۾ وضاحت ڪئي وئي ته ٻن ڦيٿن ۽ ٽن ڦيٿن وارين گاڏين جي مالڪن کي هر مهيني 20 ليٽر جي مقرر مقدار تي في ليٽر 100 رپيا رليف ڏنو ويندو، جڏهن ته 800 سي سي تائين ننڍين گاڏين جي مالڪن کي هر مهيني 30 ليٽر جي مقدار تي في ليٽر 100 رپيا رليف ملندو.
هي اسڪيم اسلام آباد ۾ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات، يعني 15 سيپٽمبر رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي، جڏهن ته ملڪ جي باقي حصن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت، ۾ رليف اربع ۽ خميس جي وچ واري رات، يعني 17 سيپٽمبر رات 12 وڳي کان فراهم ڪيو ويندو.
وزيراعظم آفيس جي بيان موجب اسڪيم لاءِ رجسٽريشن اڄ آچر ڏينهن کان شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان جو طريقيڪار عوام تائين آگاهي مهم ذريعي پهچايو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف موٽر سائيڪلن، رڪشن ۽ ننڍين گاڏين جي مالڪن بابت رجسٽريشن لاءِ گهربل معلومات فراهم ڪرڻ ۾ سهڪار ڪرڻ تي صوبائي حڪومتن جا ٿورا پڻ مڃيا.
پيٽرول ۽ ڊيزل جون تازيون قيمتون
جمعي ڏينهن ٿيل تازي واڌ کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 375.82 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 403.32 رپيا في ليٽر آهي. حڪومت پيٽرول تي في ليٽر 114 رپيا ۽ ڊيزل تي في ليٽر 100 رپيا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون وصول ڪري رهي آهي.
سعودي عرب هڪ اهم تيل پائيپ لائين تي فضائي حملي کانپوءِ پنهنجي اوڀر-اولهه تيل پائيپ لائين بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان عالمي توانائي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. سعودي تيل خريد ڪندڙن ۽ واپارين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب ڪجهه ڏينهن اندر پائيپ لائين ٻيهر بحال نه ڪئي ته عالمي تيل جي فراهمي ۾ 4 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.
عالمي تيل جي فراهمي ۽ طلب ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان
بين الاقوامي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي) چيو آهي ته هن سال عالمي سطح تي تيل جي فراهمي ۽ طلب اڳوڻي اندازي کان به وڌيڪ گهٽجي سگهي ٿي. ايران جي جنگ ختم ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب وچ اوڀر مان تيل جي معمول واري فراهمي جي 2027ع تائين بحال ٿيڻ ۾ دير ٿي رهي آهي، جنهن سان ٻارڻ جي اگهن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.
ٻارڻ جا اگهه روزانو مقرر ڪرڻ جو فيصلو
جولاءِ ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ شروع ٿيڻ کانپوءِ حڪومت اعلان ڪيو هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ اگهن جي ڦيرڦار سبب هاڻي ٻارڻ جا اگهه روزاني بنياد تي مقرر ڪيا ويندا.
ان کان اڳ حڪومت مارچ جي شروعات کان ٻارڻ جي اگهن ۾ هفتيوار تبديليون ڪندي رهي هئي، جنهن سان گڏ ٻارڻ جي بچت لاءِ مختلف قدم پڻ کنيا ويا هئا. وفاقي حڪومت اپريل ۾ سبسڊي وارا ٻارڻ فراهم ڪرڻ لاءِ مخصوص رليف قدمن جو پڻ اعلان ڪيو هو.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 3 اپريل تي 520.35 رپيا في ليٽر جي بلند ترين سطح تي پهچڻ کانپوءِ هاڻي گهٽجي چڪي آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ 28 فيبروري تي شروع ٿيڻ کانپوءِ ڊيزل جي قيمت 281 رپيا في ليٽر کان وڌڻ شروع ٿي هئي.
پيٽرول جي قيمت پڻ 3 اپريل تي 458.41 رپيا في ليٽر جي بلند ترين سطح تي پهتي هئي. ان کان اڳ مارچ جي پهرين هفتي ۾ پيٽرول جي قيمت 266 رپيا في ليٽر هئي، جنهن کانپوءِ ان جي اگهه ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو شروع ٿيو هو.










