ڪرپشن، مهانگائي ۽ ڌارين کي نوڪريون ڏيڻ خلاف احتجاج

ڪرپشن، مهانگائي ۽ ڌارين کي نوڪريون ڏيڻ خلاف احتجاج

ڏهرڪي (جھانگير عالم دايو) قومي عوامي تحريڪ  جي ڪارڪنن پاران  سنڌ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ ڪرپشن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن مظهر راهوجو، جمال ڀٽو، تراب شر، عبدالحسين شر، خالد ڪلادي، لطف ميان ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ مهانگائي ڪري ڪرپش ڪئي پئي وڃي جنهن سبب غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ۽ مقامي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران ٻين صوبن جي ماڻهن کي روزگار سان نوازيو ٿو وڃي جيڪو هتان جي مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته  سنڌ ۾ مهانگائي ختم ڪري ڪرپشن تي ضابطو آڻي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو