ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 13 سيپٽمبر کان 16 سيپٽمبر تائين برسات جو امڪان آهي.موسمياتي کاتي موجب، مون سون هوائون ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن؛ لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ٺٽو، بدين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.اسلام آباد جي سيڪٽر F-10 ۾ تيز هوائن سبب هڪ وڻ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏين کي نقصان پهتو.اسلام آباد اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ موسيقي جي محفل لاءِ لڳايل اسٽيج پڻ اڄ ڪري پيو.ان کان علاوه، تيز هوائن سبب راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي.ساڳئي وقت، پشاور جي مختلف حصن ۾ هلڪي برسات پئي، جڏهن ته گجگوڙ سان گڏ برسات اٽڪ ۽ نيلم (آزاد ڪشمير) جي مختلف علائقن ۾ موسم خوشگوار بڻائي ڇڏيو.










