اورنگي ٽائون ۾ اسڪول جي ڀت  ڪرڻ سبب پنج ڄڻا فوت

اورنگي ٽائون ۾ اسڪول جي ڀت ڪرڻ سبب پنج ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اورنگي ٽائون جي مومن آباد واري علائقي ۾ اسڪول جي هڪ زبون حال ڀت ڪري پئي.ريسڪيو عملدارن موجب، ان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ پنج ٿي ويو آهي. پوليس عملدارن ٻڌايو ته ان هنڌ نشي جا عادي ماڻهو اڪثر گڏ ٿيندا هئا ۽ ديوار مان لوهه جون سيخون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، جنهن سبب ان جي اڏاوت ڪمزور ٿي وئي هئي. ايس ايس پي ويسٽ ٻڌايو ته ڀت ڪرڻ جي ان واقعي ۾ ٻه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا.ايس ايس پي ويسٽ موجب، سرڪاري اسڪول جي ديوار جي ملبي هيٺ ست ماڻهو دٻجي ويا هئا، ابتدائي رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نشي جا عادي ماڻهو ان مان لوهه جون سيخون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو