ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايران جي حمايت يافته حوثي تحريڪ جي ويڙهاڪن ڳاڙهي سمنڊ جي هڪ اهم ’پيرم ٻيٽ‘ تي قبضو ڪري ورتو آهي.
بي بي سي جي رپورٽ موجب پيرم ٻيٽ باب المندب سامونڊي لنگهه کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. باب المندب ايشيا ۽ يورپ کي ڳنڍيندڙ اهم واپاري سامونڊي رستي جو ڏاکڻو دروازو آهي.
حوثين جو چوڻ آهي ته هو عالمي سامونڊي آمدرفت لاءِ ڪو خطرو ناهن، پر هنن سعودي عرب سان لاڳاپيل جهازن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ٻيهر ورجائي آهي.
حوثي ترجمان جو چوڻ آهي ته هو هڪ ”وڏي پيماني واري فوجي ڪارروائي“ جا تفصيل به جاري ڪندا.
ٻئي پاسي آمريڪا جي ’آڪسيوز نيوز‘ دعويٰ ڪئي آهي ته خميس تي سعودي ولي عهد 2 ڀيرا صدر ٽرمپ کي فون ڪري مداخلت لاءِ چيو پر هن کيس نئون محاذ کولڻ کان معذرت ڪئي. جنهن بعد هرمز بعد باب المندب مان به تيل جي سپلاءِ سخت متاثر ٿيندي.
آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ سبب آبنائي هرمز عملي طور بند ٿيڻ کان پوءِ سعودي عرب تيل جي برآمد لاءِ ڳاڙهي سمنڊ تي وڌيڪ ڀاڙڻ شروع ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي لڏپلاڻ بابت اداري موجب، گذريل هفتي يمن ۾ ويڙهه تيز ٿيڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 46 هزار ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن.
حوثين جو پيرم ٻيٽ تي قبضو
هڪ ذريعي موجب حوثي باغين باب المندب سامونڊي لنگهه ۾ واقع پريم ٻيٽ تي ”قبضو ڪري ورتو“ آهي. ان کان اڳ رپورٽون هيون ته حوثي ويڙهاڪ اهم ٻيٽ تائين پهچي ويا آهن.
فرانسيسي خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي پڻ اکين ڏٺن شاهدن ۽ هڪ مقامي حڪومتي عهديدار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته حوثين پيرم ٻيٽ، جنهن کي ميون ٻيٽ پڻ چيو وڃي ٿو، ”پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو“ آهي.
مقامي حڪومتي عهديدار اي ايف پي کي ٻڌايو ته ”مسلح حوثي ويڙهاڪن کي کڻي ايندڙ ٻيڙيون ميون ٻيٽ تي ان وقت پهتيون، جڏهن حڪومتي فوجون ڪالهه ٻيٽ تان واپس هٽي ويون هيون.“
عالمي توانائي فراهمي تي نئون دٻاءُ
تازي ڇڪتاڻ ۾ واڌ سان عالمي توانائي جي فراهمي تي وڌيڪ دٻاءُ پوڻ جو خدشو آهي. اهو اهڙي هفتي ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن دوران تيل جي قيمت اڳ ئي 100 ڊالر في بيرل کان مٿي وڃي چڪي آهي.
جولاءِ جي آخر کان پوءِ اهو پهريون ڀيرو آهي جو تيل جي قيمت 100 ڊالر في بيرل کان مٿي وئي آهي. واپارين کي خدشو آهي ته سعودي عرب مان تيل جي فراهمي ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي آهي.
دنيا جي ٻئي نمبر وڏي تيل پيدا ڪندڙ ملڪ سعودي عرب تي حوثين جي ٻيهر حملن سبب تيل جي فراهمي تي وڌيڪ دٻاءُ پوڻ جو امڪان آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران سعودي عرب جي تيل جي پيداوار بابت مختلف انگ اکر سامهون آيا آهن، پر ٻنهي ذريعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آگسٽ ۾ جولاءِ جي مقابلي ۾ پيداوار ۾ وڏي گهٽتائي ٿي.
بين الاقوامي توانائي اداري موجب سعودي عرب جي تيل جي پيداوار روزانو 8.24 ملين بيرل مان گهٽجي 5.97 ملين بيرل رهي.
جڏهن ته پيٽروليم برآمد ڪندڙ ملڪن جي تنظيم، اوپيڪ، پاران شايع ڪيل سعودي حڪومتي انگن اکرن موجب پيداوار روزانو 8.14 ملين بيرل مان گهٽجي 6.24 ملين بيرل ٿي وئي.
ٻنهي صورتن ۾ گهٽتائي اهم آهي ۽ ان جو مطلب آهي ته تيل جي پيداوار گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي گهٽ آهي.
آبنائي هرمز مان به فراهمي گهٽ
ٻئي طرف آبنائي هرمز ذريعي تيل جي فراهمي به گهٽيل آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان بيان ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار ڪجهه وقت تائين جاري رهي سگهي ٿو، صورتحال ۾ جلد تبديلي جا امڪان به گهٽ نظر اچي رهيا آهن.
توانائي جي وڌندڙ قيمتن سبب سڄي دنيا ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن سان مرڪزي بئنڪن تي وياج جي شرح وڌائڻ لاءِ دٻاءُ وڌي رهيو آهي. يورپي مرڪزي بئنڪ ڪالهه اهڙي ئي قدم جو اعلان ڪيو.
ايندڙ هفتي آمريڪا ۽ جاپان پاران به وياج جي شرح وڌائڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن. خدشو آهي ته اهڙو قدم معاشي واڌ ويجهه کي متاثر ڪندو.
سعودي عرب جو تيل ڳاڙهي سمنڊ ذريعي موڪلڻ
آمريڪا ۽ ايران جي جنگ دوران آبنائي هرمز ڊگهي عرصي تائين عملي طور بند رهڻ کان پوءِ سعودي عرب تيل جي برآمد لاءِ پنهنجي اوڀر کان اولهه ويندڙ پائيپ لائين استعمال ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن ذريعي تيل ڳاڙهي سمنڊ تائين پهچايو وڃي ٿو.
هن سال جي شروعات ۾ سعودي عرب خليج مان پنهنجي خام تيل جي برآمدات مان 70 سيڪڙو تائين تيل پائيپ لائين ذريعي ڳاڙهي سمنڊ جي بندرگاهه ينبع ڏانهن منتقل ڪري رهيو هو.
هن پائيپ لائين ذريعي سعودي عرب ڳاڙهي سمنڊ جي باب المندب سامونڊي لنگهه مان ڏکڻ طرف سفر ڪندي ايشيا ڏانهن تيل موڪلڻ جي قابل رهيو آهي. جيڪو هاڻي متاثر ٿي رهيو آهي.
ايئرپورٽن تي اميگريشن سسٽم 1 ڪلاڪ بند رهڻ بعد بحال
ڄامشورو، مسافر بس حادثي جو شڪار، 1 ڄڻو فوت، 9 ڄڻا زخمي
ڪراچي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت، عورت زخمي
چونڊن ۾ فراڊ تي سزا ڏياريندڙ کي 10 لک ڊالر انعام ڏيندس: ٽرمپ
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ، نوان اگهه لاڳو
وزيراعظم ۽ جماعت اسلامي جي امير ۾ ملاقات طئي
اسرائيل ۾ ٿيندڙ چونڊون ۽ عالمي معيشت تي اثر
حڪومت 2 کرب 35 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظر ثاني ڪري، فاروقي
ايران جي صدر جو علائقائي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي تي زور
چين جو سامونڊي تحقيق لاءِ ترندڙ پليٽ فارم ٺاهڻ جو اعلان
لياري جي مرزا آدم خان روڊ جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ، نئين شرح 12 سيڪڙو مقرر
قبو سعيد خان،عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ
ليوي ختم نه ٿي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو: حافظ
سنڌ ۾ سرنهن، تر ۽ ڪينولا جي پوک ۾ واڌ خوش آئند آهي
غير سياسي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ لاڏاڻو ڪري ويو
ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هٿان سجاول واسي 4 مهاڻا گرفتار
سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو
ٽرمپ کي ڌچڪو، برازيل ۾ لولا چوٿون ڀيرو صدر چونڊجي ويو
گمبٽ: شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت










